پاڪستانسنڌ

سنڌ جي اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ سياري جي موڪلن جو اعلان

ڪراچي: سنڌ جي اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ سياري جي موڪلن جو اعلان ٿي ويو آهي. سنڌ جي تعليم کاتي طرفان تعليمي ادارن ۾ سياري جي موڪلن جو اعلان ڪيو ويو آهي، وڏي وزير سيد مراد علي شاهه تعليم واري وزير سردار شاهه کي منظوري ڏئي ڇڏي. سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ سياري جون موڪلون 21 ڊسمبر کان 31 ڊسمبر تائين ٿينديون، سمورا اسڪول ۽ ڪاليج پهرين جنوري کان کوليا ويندا. صوبائي تعليم کاتي جي اسٽيئرنگ ڪميٽي چيو آهي ته سياري جي موڪلن جو فيصلو سڀني نجي، سرڪاري اسڪولن ۽ ڪاليجن تي لاڳو ٿيندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button