پاڪستانسنڌ

سنڌ ۾ هلندڙ سال ڊينگي وائرس جي ڪيسن ۾ 400 سيڪڙو واڌ

ڪراچي: ڊينگي وائرس سنڌ ۾ گذريل سمورا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا، صحت کاتي موجب 2020 ۽ 2021 جي ڀيٽ ۾ 2022 ۾ ڪيسن ۾ 400 سيڪڙو واڌ ڏٺي وئي آهي. صحت کاتي موجب 2021 ۾ ڪراچي ۾ ڊينگي سان 22 ڄڻا فوت ٿيا، جڏهن ته 2022 ۾ 49 ڄڻا لاڏاڻو ڪري ويا آهن. 2021 ۾ صوبي ۾ 6 هزار 739 ڄڻا ڊينگي وائرس جو شڪار ٿيا ۽ 28 ڄڻا لاڏاڻو ڪري ويا، 2020 ۾ صوبي ۾ 4 هزار 318 متاثر ٿيا ۽ 3 ڄڻا لاڏاڻو ڪري ويا هئا. انگن اکرن موجب 2022 ۾ هيل تائين 22 هزار 626 ڄڻا ڊينگي وائرس سان متاثر ٿي چڪا آهن ۽ 61 ڄڻا لاڏاڻو ڪري ويا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button