پاڪستانسنڌ

عمران خان لاھور ۾ لڏو لاھي ويٺو آهي، آخري دم تائين حڪومت نه ڇڏيندو: شرجيل ميمڻ

ڪراچي: اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ کاتي واري وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته عمران خان کي مفتو لڳل آهي، جڏهن کان انھن جي پنجاب ۾ حڪومت ٺهي آهي، بني گالا ويران ٿي ويو آهي، عمران خان لاھور ۾ لڏو لاھي ويٺو آهي، زمان پارڪ جو کاڌو به وزيراعليٰ هائوس پنجاب مان اچي ٿو، عمران خان آخري دم تائين حڪومت نه ڇڏيندو، هن چيو ته سندس ذاتي راءِ آهي ته عمران خان پنجاب ۽ ڪي پي جون اسيمبليون نه ٽوريندو. گوگين جي چوڻ تي پنجاب ڪابينا ۾ 15، 15 ڏينهن لاءِ وزير کنيا پيا وڃن ته جيئن هو پنهنجا ٽارگيٽ پورا ڪري سگهن. اها ڳالهه سمجهه کان ٻاهر آهي ته هڪ طرف اسيمبليون ختم ڪرڻ چاهين ٿا ته ٻئي طرف ڪابينا ۾ واڌ ڪئي پئي وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن صوبائي وزير خوراڪ، ايڪسائيز ۽ ٽيڪسيشن مڪيش ڪمار چاولا سان گڏ سنڌ اسيمبلي ميڊيا ڪارنر تي ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو. ان موقعي تي سنڌ اسيمبلي جو ميمبر گهنور خان اسراڻ پڻ موجود هو. هن چيو ته عدم اعتماد جي تحريڪ جي دوران عمران خان پنهنجي حڪومت بچائڻ لاءِ سمورا حربا استعمال ڪيا. ايتري تائين جو قومي اسيمبلي جي بجلي به بند ڪئي وئي. خان صاحب آخري نون ڪلاڪن ۾ هر حد تائين هليا ويا. غيرآئيني طريقي سان قومي اسيمبلي تائين ٽوڙي ڇڏي. تنھن ڪري عمران خان اهڙو ڪو ڪم نه ڪندو، جنهن جي ڪري سندس مفت جا مزا بند ٿي وڃن.

هن چيو ته عمران خان ملڪ کي ناقابل تلافي نقصان رسايو آهي. هن وقت ملڪ ۾ مهانگائي جو طوفان برپا آهي. عوام معاشي صورتحال کان سخت پريشان آهي. هن صورتحال جي سموري ذميواري عمران خان تي عائد ٿئي ٿي. جنهن پنهنجي ايگو جي ڪري قوم جو وقت ضايع ڪيو ۽ آئي ايم ايف وٽ وڃڻ ۾ دير ڪري ڇڏي. اھا ڳالھه عمران خان پنهنجي انٽرويوز ۾ تسليم ڪري چڪو آهي هي ته آئي ايم ايف وٽ وڃڻ ۾ دير انھن کان غلطي ٿي وئي. جنهن جا اثر اڄ ڏينهن تائين جاري آهن ۽ ملڪ جي معيشت سنڀلجي ناهي سگھي. هن چيو ته عمران خان پنهنجي سياست لاءِ قوم جي مستقبل کي دا تي لڳائي ڇڏيو. هن چيو ته پي ٽي آئي جي وزير پاران پائيلٽن جي لائسنس جي جعلي ھئڻ واري ڳالهه کي ٻه سال گذري ويا آهن پر اڄ به ڪيترن ئي ملڪن ۾ قومي ايئرلائن کي آپريٽ ڪرڻ جي اجازت ناهي. ڪيترائي پائليٽ بي روزگار ٿي ويا آھن. هي شخص چاهي ٿو ته ملڪ کي وڌيڪ غيريقيني صورتحال جي طرف آندو وڃي. صوبائي وزير اطلاعات وڌيڪ چيو ته عمران خان جو قانون جي تحت هر معاملي تي احتساب ٿيڻ گهرجي ته جيئن هن بهروپي شخص کي ٻيهر عوام کي دوکو ڏيڻ جو موقعو نه ملي سگهي.

صوبائي وزير چيو ته اليڪشن کان ڪوئي نٿو ڀڄڻ چاهي. اسان ته چاهيون ٿا ته سڀاڻي اليڪشن ٿئي. پر ملڪ جي اقتصادي صورتحال درست ناهي، اليڪشن تي اربين روپين جا خرچ ايندا آهن. صوبائي وزير اطلاعات چيو ته پنجاب ۽ ڪي پي جا وسيلا عمران خان ۽ ان جي ايڊوينچر تي خرچ ٿي رهيا آهن، ٻنهي صوبائي حڪومتن عوام کي پنهنجي رحم تي ڇڏي ڏنو آهي. ڪي پي ڪي ۽ پنجاب ۾ امن امان جي صورتحال بدتر آهي، عوام مهانگائي ۾ پسجي رهيو آهي، پي ٽي آئي جون حڪومتون عوام کي ريليف ڏيڻ ۾ مڪمل طور تي ناڪام ٿي چڪيون آهن. هن چيو ته ڪي پي ڪي ۾ واپارين کي ڀتي جون پرچيون ملي رهيون آهن، پنجاب ۾ اسٽريٽ ڪرائيم وڌي ويو آهي، اٽي جي قيمت پنجاب جي ڪجهه علائقن ۾ 100 روپيا في ڪلو کان چڙهي وئي آهي. هن چيو ته سنڌ واحد صوبو آهي، جيڪو عوام سان ڪميٽيڊ آهي. عوام کي مهانگائي جي دور ۾ هر ممڪن ريليف فراهم ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون. گيس ۽ بجلي جي لوڊشيڊنگ جي سوال تي جواب ۾ هن چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي وفاقي ڪابينا جو حصو ضرور آھي پر سنڌ سان ناانصافي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نٿا ڪري سگهون. پاڪستان پيپلزپارٽي وفاقي حڪومت وٽ هي معاملو ڀرپور نموني کنيو آهي ته سنڌ سان ڪنهن به قسم جي زيادتي نه ٿيڻ گهرجي. هن وفاقي حڪومت کان مطالبو ڪيو ته سنڌ ۾ گئس ۽ بجلي جي لوڊشيڊنگ جو نوٽيس ورتو وڃي ۽ آئين جي تحت جيڪو سنڌ جو حصو ٺهي ٿو اهو يقيني بڻايو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button