اسلام آبادپاڪستان

روس کان 4 لک ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ درآمد ڪرڻ جي اجازت

اسلام آباد : وفاقي ڪابينا روس کان 4 لک ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ درآمد ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي. جڏهن ته عام چونڊن لاءِ اليڪشن ڪميشن کي 15 ارب رپيا ڏيڻ جي به منظوري ڏني وئي. ڪالهه وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ 4 نڪاتي ايجنڊا تي غور ڪيو ويو.وفاقي ڪابينا روس کان ساڍا 4 لک ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ، 372 ڊالر في ميٽرڪ ٽن قيمت ۾ درآمد ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي. جڏهن ته عام چونڊن لاءِ اليڪشن ڪميشن کي 15 ارب رپيا ڏيڻ جي به منظوري ڏني وئي. وفاقي ڪابينا کي ٻوڏ متاثرن جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي، جنهن کانپوءِ اجلاس ٻوڏ متاثرن جي بحالي لاءِ ڊونرز ڪانفرنس جلد گهرائڻ جو فيصلو ڪيو. ان کانسوا ڪابينا تيل ۽ گئس جي ڳولا جا معطل لائسنس بحال ڪرڻ جي به منظوري ڏني. ڪابينا ۾ ٻوڏ سبب ٿيل نقصان بابت پي ڊي اين اي جي رپورٽ پيش ڪئي وئي آهي. ٻوڏ سان سڀ کان وڌيڪ نقصان سنڌ صوبي کي پهتو، سڄي مُلڪ جي 94 ضلعن ۾ ٻوڏ سبب زراعت، صنعت، انفراسٽرڪچر، مواصلات ۽ صحت جي شعبن کي تمام گهڻو نقصان پهتو. جڏهن ته وزيراعظم ٻوڏ متاثر علائقن جي نئين سر بحالي جي پلان کي جلد کان جلد مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. وفاقي حڪومت تيل ۽ گئس جي ڳولا جي 11 رد ٿيل لائيسنن جي بحالي ۽ پاڪستان ۽ تاجڪستان جي وچ ۾ واپاري لنگهه جي معاهدي تي صحيحن جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ان قدم جي نتيجي ۾ انهن 11 بلاڪس ۾ تيلس ۽ گئس جي ڳولا جون سرگرميون شروع ٿي وينديون. اجلاس منصوبابندي واري وفاقي وزارت پاران پاڪستان ۾ 2022ع جي ٻوڏ جي ڏس ۾ آفت کانپوءِ ضرورت جي ڪاٿي (پي ڊي اين اي) جي رپورٽ پيش ڪئي وئي. پي ڊي اين اي منصوبابندي واري وفاقي وزارت ورلڊ بئنڪ، ايشيائي ترقياتي بئنڪ، يورپي يونين، گڏيل قومن، سمورين صوبائي حڪومتن، گلگت بلتستان حڪومت، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير حڪومت، سول سوسائٽي، اڪيڊميه ۽ اين جي اوز سان گڏجي ترتيب ڏني آهي. ان اڀياس تحت 94 ضلعن ۾ ٻوڏ سان ٿيندڙ نقصانن خاص طور تي معيشت جي 17 وڏن شعبن بشمول صحت، زراعت، صنعت، انفراسٽرڪچر، مواصلات وغيره کي پهچندڙ نقصانن جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ ٻوڏ سان ٿيندڙ نقصانن جي ڪاٿي تي بحث ڪيو ويو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته رپورٽ موجب ٻوڏ سان سڀ کان وڌيڪ نقصان سنڌ صوبي کي پهتو ۽ ٻوڏ سان پوري ملڪ ۾ زراعت جو شعبو بري طرح متاثر ٿيو آهي. ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته پي ڊي اين اي جي ڏس ۾ Resilient, Recovery Renovation and Rehabilitation Plan جوڙيو پيو وڃي ۽ ان سلسلي ۾سمورين لاڳاپيل وفاقي وزارتن/ ڊويزنن ۽ سمورين صوبائي حڪومتن سان مشاورت ڪئي پئي وڃي. وزيراعظم پي ڊي اين اي کي ترتيب ڏيڻ تي منصوبابندي واري وفاقي وزير جي ڪارڪردگي کي ساراهيو ۽ پلان کي جلد کان جلد مڪمل ڪرڻ جي هدايت پڻ ڪئي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته ان حوالي سان سمورن صوبن ۽ ٻين ڌرين جي راءِ ضرور ورتي وڃي. وفاقي ڪابينا واپار واري وفاقي وزارت جي سفارش تي پاڪستان ۽ تاجڪستان جي وچ ۾ ٽرانزٽ ٽريڊ جي معاهدي تي صحيحن جي منظوري ڏني، ان معاهدي تي تاجڪستان جي صدر جي متوقع پاڪستان جي دوري دوران صحيحون ٿيڻ جو امڪان آهي. وفاقي ڪابينا اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) 29 نومبر 2022ع ۽ 2 ڊسمبر 2022ع تي ٿيندڙ اجلاسن ۾ ڪيل فيصلن جي توثيق ڪري ڇڏي. وفاقي ڪابينا ڊسپوزل آف ليجسليٽو ڪيسز بابت ڪابينا ڪميٽي (سي سي ايل سي) جي پهرين ڊسمبر 2022ع تي ٿيندڙ اجلاس ۾ ڪيل فيصلن جي پڻ توثيق ڪري ڇڏي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button