پاڪستانسنڌ

ڪراچي ۾ هڪ وڌيڪ ڇوڪري جنسي زيادتي بعد گهٽا ڏئي قتل

ڪراچي: ڪراچي جي مبينا ٽائون ٿاڻي جي حد ۾ هڪ فليٽ مان ڇوڪريءَ جو لاش هٿ آيو آهي، جنهن کي تشدد دوران مزاحمت تي قتل ڪيو ويو آهي. شهر جي علائقي موسميات ڀرسان رهائشي عمارت جي فليٽ مان نوجوان ڇوڪري جو لاش هٿ آيو، ايس ايڇ او احمد مجتبيٰ جو چوڻ آهي ته مقتولا ناري جي سڃاڻپ 15 ورهين جي زينب نعيم طور ٿي آهي، جنهن کي گهٽا ڏئي قتل ڪيو ويو آهي. پوليس موجب واقعي جو اطلاع ملندي ئي گشت تي موجود پوليس اهلڪار موقعي تي پهچي ويا ۽ جوابدار عرفان کوکر کي گرفتار ڪري ورتو آهي، جوابدار پيشي ۾ پلمبر آهي ۽ هو گهر آيو ته زينب سان زيادتي جي ڪوشش ڪيائين، جڏهن ته مزاحمت ڪرڻ تي عرفان کيس قتل ڪري ڇڏيو. پوليس جو چوڻ آهي ته دانهن جو ٻڌي پاڙي وارا گڏ ٿي ويا ۽ پوليس کي اطلاع ڏنو، پوليس به بروقت پهچي جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو آهي. ايس ايڇ او مبينا ٽائون وڌيڪ ٻڌايو ته واقعي وقت زينب گهر ۾ اڪيلي هئي ۽ عرفان گهر ۾ ڪم ڪندو هو، جنهن کي خبر هئي ته زينب ان وقت گهر ۾ اڪيلي آهي. واقعي جي وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهيون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button