پاڪستانسنڌ

مرتضيٰ وهاب جي استعيفيٰ منظور، ايم ڪيو ايم پاران نامزد ڊاڪٽر سيف الرحمان ڪراچي جو نئون ايڊمنسٽريٽر مقرر

ڪراچي: سنڌ حڪومت مرتضيٰ وهاب جي استعيفيٰ منظور ڪندي ايم ڪيو ايم پاران نامزد ڪيل ڊاڪٽر سيف الرحمان کي ڪراچي جو ايڊمنسٽريٽر مقرر ڪري ڇڏيو آهي. سنڌ حڪومت طرفان ڊاڪٽر سيف الرحمان جي ڪراچي جي ايڊمنسٽريٽر طور مقرري جو نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو آهي. 20 هين گريڊ جي آفيسر ڊاڪٽر سيف الرحمان جو واسطو پاڪستان ايڊمنسٽريٽو سروس سان آهي ۽ ان کان اڳ هو سنڌ جي گورنر جي پرنسپل سيڪريٽري جي حيثيت سان فرض انجام ڏئي رهيو هو. ڊاڪٽر سيف الرحمان بلديا عظميٰ ڪراچي ۾ ميٽروپوليٽن ڪمشنر به رهي چڪو آهي، ان کانسواءِ هو وچ ۽ اوڀر ضلعي جي ڊپٽي ڪمشنر سميت بلديا سينٽرل جو ايڊمنسٽريٽر به رهي چڪو آهي. ڊاڪٽر سيف ان کان اڳ ڪي ڊي اي جو ڊائريڪٽر جنرل ۽ بلوچستان ۾ زوب جو ڪمشنر به رهيو آهي.

ايم ڪيو ايم پاڪستان ڊاڪٽر سيف الرحمان جو نالو فائينل ڪيو هو، نئين ايڊمنسٽريٽر لاءِ ايم ڪيو ايم پاران سياسي مقرري طور عبدالوسيم جو نالو به ڏنو ويو هو، ڪراچي جي نئين ايڊمنسٽريٽر جي مقرري جماعت اسلامي ڪراچي جي امير حافظ نعيم الرحمان پ پ ۽ ايم ڪيو ايم تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته ايم ڪيو ايم چاهي ٿي پ پ جيڪا ڦرلٽ ڪري رهي آهي، ان ۾ پنهنجو به حصو ملائي. ڪالهه ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي حافظ نعيم الرحمان چيو اسان جو مطالبو آهي ته سياسي ايڊمنسٽريٽر کي فوري طور برطرف ڪيو وڃي، هڪ پارٽي جو ايڊمنسٽريٽر هٽائي ٻي پارٽي جو سياسي ايڊمنسٽريٽر لڳايو ويو آهي. هن چيو ته مڪاني چونڊون روڪڻ جي سازش ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين، 2009 کان 2015 تائين مڪاني چونڊون نه ڪرايون ويون آهن، ايم ڪيو ايم ان وقت پ پ جي اتحادي هئي. حافظ نعيم مطالبو ڪيو ته چونڊ واري ڏينهن فوج ۽ رينجرز کي مقرر ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button