اسلام آباد :صحافي ارشد شريف قتل ڪيس جي پاڻمرادي نوٽيس جي شنوائي دوران سپريم ڪورٽ جي آءِ ٽي کان ٻن هفتن ۾ اڳڀرائي رپورٽ طلب ڪندي قرار ڏنو آهي ته جي آءِ ٽي عارضي اڳڀرائي رپورٽ ججز کي جائزي لاءِ چيمبر ۾ پيش ڪري، رپورٽ تي کُليل عدالت ۾ شنوائي ٿيندي. جڏهن ته حڪومت سپريم ڪورٽ ۾ اسپيشل جي آءِ ٽي جوڙڻ جو نوٽيفڪيشن جمع ڪرائي ڇڏيو آهي. نوٽيفڪيشن موجب جي آ ٽي ۾ آ ايس آ، آ بي، ايف آ اي جا نمائندا شامل آهن. آ بي سي آ ڊي ساجد ڪياني، ايف آ اي مان وقار الدين، ايم آ مان مرتضيٰ سيال، آ ايس آ مان محمد اسلم شامل آهن. ڪالهه سپريم ڪورٽ ۾ صحافي ارشد شريف قتل جي پاڻمرادي ڪيس جي شنوائي چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهيءَ ۾ 5 رڪني لارجر بينچ ڪئي. ان دوران ايڊيشنل اٽارني جنرل عامر رحمان 5 ميمبرن تي ٻَڌل نئين جي آءِ ٽي جو نوٽيفڪيشن عدالت ۾ پيش ڪيو. جي آءِ ٽي ۾ آءِ بي مان ساجد ڪياني، ايف آءِ اي مان وقار الدين سيد، ڊي آءِ جي هيڊ ڪوارٽر اويس، ايم آءِ مان مرتضيٰ افضال، آءِ ايس آءِ مان محمد اسلم شامل آهن. چيف جسٽس ان موقعي تي ريمارڪس ڏنا ته جي آءِ ٽي کي پرڏيهي وزارت رستو پڻ ڏيکاريو آهي ۽ سٺيون تجويزون پڻ ڏنيون آهن. ايڊيشنل اٽارني جنرل چيو ته ضرورت پئي ته جوابدارن جي گرفتاريءَ لاءِ انٽرپول سان پڻ رابطو ڪيو ويندو. چيف جسٽس چيو ته جي آءِ ٽي کي ڪابه رڪاوٽ آئي ته عدالت سان رابطو ڪري سگهي ٿي. جڏهن ته جي آءِ ٽي کي فنڊز جي مد ۾ ڪنهن به شيءِ جي ضرورت پوي ته حڪومت کي چونداسين. جسٽس مظاهر نقوي شنوائي دوران پُڇيو ته جي آءِ ٽي ڪيس ۾ نامزد جوابدارن کي طلب ڪيو آهي؟ جنهن تي ايڊيشنل اٽارني جنرل ٻُڌايو ته جي آءِ ٽي جو پهريون ڪم جوابدارن جي طلبي هوندي. جسٽس محمد علي مظهر پُڇاڻو ڪيو ته جي آءِ ٽي ڪيتري وقت ۾ جاچ مڪمل ڪندي؟ جنهن تي ايڊيشنل اٽارني جنرل چيو ته جاچ جو دارومدار ڪينيا پوليس جي تعاون تي آهي. جاچ ٽيم پنهنجي طرفان هر ممڪن ڪوشش ڪندي ته ڪم جلد مڪمل ٿئي. جسٽس مظاهر نقوي چيو ته جيڪڏهن جوابدار پيش نه ٿين ته قانوني طريقو اختيار ڪري سگهجي ٿو. عدالت چيو ته ايس ايس پي اسلام آباد ۽ ان جي ٽيم جي آءِ ٽي جي معاونت ڪندا. پرڏيهي وزارت قانوني معاونت ۽ جوابدارن جي حوالگي جون تجويزون ڏنيون آهن. پرڏيهي وزارت مطابق جي آءِ ٽي سان هر ممڪن سهڪار ڪيو ويندو. بعد ۾ عدالت ارشد شريف پاڻمرادي نوٽيس ڪيس جي شنوائي جنوري جي پهرين هفتي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close