اسلام آباد : صدر عارف علوي سان ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار هڪ ٻي ملاقات ڪئي آهي. ذريعن موجب اسحاق ڊار ۽ صدر عارف علوي وچ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران اها ٻي، جڏهن ته مجموعي طور تي چوٿين ملاقات ٿي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته ملاقات ۾ سياسي صورتحال، عام چونڊن جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. جڏهن ته عارف علوي کي اسحاق ڊار وزيراعظم شهباز شريف جو اهم پيغام به پهچايو. ذريعن موجب سياسي اڳڀرائي لاءِ صدر عارف علوي ۽ اسحاق ڊار وچ ۾ وڌيڪ ملاقاتون به ٿينديون.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close