پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته جمهوري نظام ۽ روايتن جي تسلسل سان ئي پائيدار ترقي ممڪن آهي، اسان کي مالي وسيلن جي بهتر ۽ منصفاڻي ورڇ لاءِ عالمي مالياتي ادارن ۾ سڌارن جي ضرورت آهي. پرڏيهي وزير اهڙن خيالن جو اظهار انڊونيشيا جي ياترا دوران 15 هين بالي جمهوري فورم کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته جمهوريت هڪ آزاد معاشري جو بنياد آهي، پاڪستان سدائين عوام تي ٻڌل جمهوريت لاءِ ڪوششون ڪري رهيو آهي، افسانوي جمهوريت کي حقيقي جمهوريت ۾ تبديل ڪرڻو آهي. ٻئي طرف پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري بالي ۾ انڊونيشيا جي پرڏيهي وزير رتنومرسودي سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ٻنهي پرڏيهي وزيرن ٻه طرفن لاڳاپن جو جائزو ورتو، پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ۽ سندس انڊونيشيائي هم منصب علاقائي ۽ عالمي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ رابطا جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو، ٻنهي پرڏيهي وزيرن گڏيل وزارتي ڪميشن قائم ڪرڻ بابت مفاهمت جي يادداشت تي به صحيحون ڪيون، جيڪي ٻطرفن لاڳاپن ۽ سهڪار کي اڳتي وڌائڻ ۾ مددگار ثابت ٿينديون. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري انڊونيشيا جي دوري تي بالي ۾ بوسنيا هرزيگوينا جي پرڏيهي وزير ڊاڪٽر بسيرا ترڪوويڪ سان ملاقات ڪئي. ٻنهي ملڪن جي پرڏيهي وزيرن مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون جي سگهه کي وڌائڻ تي به اتفاق ڪيو.
پڻ چيڪ ڪريو
Close