پاڪستانعالمي

دهشتگرد پاڪستان تي حملن لا افغان سرزمين استعمال ڪري سگهن ٿا:آمريڪا

آمريڪي پرڏيهي وزارت جي ترجمان نيڊ پرائس چيو آهي ته دهشتگرد پاڪستان تي حملن لا افغانستان جي سرزمين استعمال ڪري سگهن ٿا، دهشتگردي کي منهن ڏيڻ لا اسان پاڪستان جي دفاعي صلاحيت ۾ اضافو ڪنداسين. نيڊ پرائيس پنهنجي پريس بريفنگ ۾ چيو ته پابندي مڙهيل تنظيم تحريڪ طالبان پاڪستان (ٽي ٽي پي) ۽ ٻيا دهشتگرد منظم ٿي رهيا آهن، خدشو آهي ته افغانستان هڪ دفعو ٻيهر عالمي دهشتگردن جي پناهه گاهه نه بڻجي وڃي، پاڪستان دهشتگردي خلاف جنگ ۾ اهم ڀائيوار آهي. آمريڪي پرڏيهي وزارت جو چوڻ هو ته پاڪستان سان دفاعي شعبي ۾ سهڪار جاري آهي، دهشتگردي کي منهن ڏيڻ لا پاڪستان جي دفاعي صلاحيت ۾ اضافو ڪنداسين، اهڙا سموررا قدم کڻنداسين جن سان اسان جا مفاد متاثر نه ٿين. پرڏيهي ترجمان وڌيڪ چيو ته پاڪستان ۾ ڪنهن هڪ شخصيت کي ٻي تي ترجيح نه ڏيندا آهيون، اسان فقط پاڪستاني عوام ۽ آئين سان گڏ آهيون، رجيم چينج جي حوالي ڪوڙن افواهن جي ترديد ڪري چڪا آهيون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button