برطانيا جي مقبول اخبار ڊيلي ميل وزيراعظم شهباز شريف کان غلط رپورٽنگ تي معافي گهري ورتي آهي. برطانوي خابرو اداري جي رپورٽ مطابق ڊيلي ميل شهباز شريف سان ڪيل معذرت ۾ چيو ته اسان مڃون ٿا ته نيب ڪڏهن به شهباز شريف تي ٻوڏ متاثرن جي فنڊن ۾ گهوٻين جو الزام ناهي لڳايو. اخبار جي انتظاميا چيو ته اسان اهو قبول ڪريون ٿا ته شهباز شريف ڪو به غلط ڪم نه ڪيو. واضح رهي ته ڊيلي ميل 14 جولاءِ ۾ پنهنجي هڪ خبر ۾ الزام لڳايو ته شريف خاندان ٻوڏ متاثرن جي فنڊن ۾ گهوٻيون هنيون آهن، ڊيلي ميل جو چوڻ هو ته نيب طرفان شهباز شريف بابت جاچ جو اطلاع ڏنو ويو هو، نيب چيو هو ته چوري ٿيل رقم ۾ ڊي ايف آءِ ڊي جي ٻوڏ سٽيلن لاءِ ڏنل گرانٽ به شامل هئي. بعد ۾ شهباز شريف لنڊن جي عدالت ۾ ڊيلي ميل خلاف هتڪ عزت جي دعويٰ داخل ڪئي هئي، ان کان اڳ 11 نومبر تي ڊيلي ميل جي ڪيس ۾ برطانوي عدالت وزيراعظم شهباز شريف جي اسٽي آرڊر لا داخل ڪيل درخواست خارج ڪندي کيس وڌيڪ وقت ۽ مهلت ڏيڻ کان انڪار ڪيو هو. ڪيس تي فيصلي لا عدالت 13 ڊسمبر جي تاريخ ڏني هئي پر هاڻي ڊيلي ميل پنهنجي الزامن تان هٿ کڻي معافي نامو برطانوي عدالت ۾ جمع ڪرائي ڇڏيو آهي، جڏهن ته اخبار جي آفيشل پيج تي معافي نامو جاري ڪري شهباز شريف کان معافي گهري وئي آهي. ڊيلي ميل اعتراف ڪندي قبوليو آهي ته شهباز شريف ڪو غلط ڪم نه ڪيو، تنهن ڪري کائنس معذرت ڪريون ٿا. ٻئي طرف سڌ سما بابت وفاقي وزير مريم اورنگزيب ردعمل ڏيندي چيو آهي ته الله تعاليٰ هڪ دفعو ٻيهر شهباز شريف کي سرخرو ڪيو آهي، هنن شهباز شريف خلاف ساڙ ۽ بغض ۾ ڊي ايف آ ڊي واري فنڊ کي تڪراري بڻايو، شهباز شريف تي ڪنهن به قسم جي ڪرپشن ثابت نه ٿي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close