اسلام آبادپاڪستان

عمران اسيمبليون ٽوڙي،چونڊن لاءِ تيار آهيون:وفاقي حڪومت

اسلام آباد/لاهور:وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته عمران خان هيڏانهن هوڏانهن جون ڳالهيون نه ڪري، اسيمبليون ٽوڙي، اسان چونڊن لاءِ تيار آهيون. جيڪڏهن پرويز الاهي وڏ وزارت ڇڏي اسان وٽ اچي ٿو ته ان کي نئين سيٽ اپ ۾ وزيراعليٰ بڻائڻ تي سوچي سگهجي ٿو. هو اسيمبليون ٽوڙڻ جي حق ۾ ناهي. لاهور ماڊل ٽائون ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ۽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ راڻا ثناءُ الله چيو ته عام چونڊون ايندڙ سال آڪٽوبر ۾ ئي ٿينديون، پنجاب ۽ ڪي پي اسيمبليون ٽٽن ٿيون ته چونڊون 90 ڏينهن ۾ ٿينديون. هن چيو ته عمران خان مان توهان جو ڪيڏو انتظار ڪيو پر توهان نه آيا، توهان اسلام آباد ۾ جلسو به نه ڪيو ۽ راولپنڊي هليا ويا. گهرو وزير عمران خان کي چئلينج ڪندي چيو ته هيڏانهن هوڏانهن جون ڳالهيون ڇڏيو، اسيمبليون ٽوڙيو، ايندڙ چونڊن کي ڇڏيو هنن ۾ ئي فيصلو ٿي ويندو، توهان کي پنجاب ۾ به ڀرپور شڪست ڏينداسين ۽ لڪڻ جي جاءِ به نه ملندي. سندس موجب هاڻ وقت جي ضرورت آهي ته ميثاق معيشت ٿئي، چارٽر آف اڪانامي ٿيڻ گهرجي، شهباز شريف پاڪستان خاطر سڀني سان گڏ ويهڻ لاءِ تيار آهي. وفاقي وزير چيو ته نواز شريف جي آجيان جون تياريون شروع ڪري ڇڏيون آهن، چونڊن جو اعلان ٿيندي ئي نواز شريف پاڪستان اچي ويندو. گهرو وزير چيو آهي ته عمران خان اگر مگر ڇڏي ۽ اسيمبليون ٽوڙڻ جو اعلان ڪري ته اسان چونڊن ۾ ان جو سخت مقابلو ڪنداسين. اميدوارن جي چونڊ لاءِ ڪميٽيون جوڙيون ويون آهن جيڪي هر تڪ مان 2-2 اميدوار چونڊي سفارشون اماڻينديون. نوازشريف جي وطن واپسي جي موقعي تي ڀرپور استقبال جون تياريون شروع ڪيون ويون آهن. ڊيلي ميل جي معذرت کانپوءِ عمران خان ۽ ان جا چيلا پوري قوم کان معافي وٺن، عمران خان جي خلاف جيڪي ثبوت اچي چڪا آهن، هاڻي وڌيڪ ڪائي شئي ناهي رهيو، ان لاءِ نيب چيئرمين کي آئين ۽ قانون مطابق تحرڪ ڪرڻ گهرجي. صدر عارف علوي مسڪين ماڻهو آهي منهنجو خيال آهي ته ٻئي پاسي ان جي ڳالهه ٻڌي نه ويندي. پارٽي جي مرڪزي سيڪريٽري ماڊل ٽائون ۾ مسلم ليگ (ن) پنجاب جي اعليٰ سطحي اجلاس کان پوءِ اعظمي بخاري ۽ رانا ارشد سان گڏ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي رانا ثناءُالله چيو ته هڪ ڪوڙي ڪيس ۾ شريف فئملي جي سمورن ميمبرن ۽ انهن جي عورتن کي بي گناهه عدالتن ۾ گهيليو ويو پر ڊيلي ميل جي معذرت کان پوءِ مان شريف فئملي کي مبارڪون ڏيان ٿو. الله تعاليٰ شريف فئملي تي خاص ڪرم ڪيو آهي ته ان جي بيگناهي جا ثبوت سڄي دنيا کان ملي رهيا آهن. هن چيو ته عمران خان ۽ ٻه نمبر فراڊ يا شهزاد اڪبر جو پتو نه آهي. هن وقت ڪٿي لڪل آهي گهٽيا گفتگو ڪندو هو، خود القادر ٽرسٽ ڪيس ۾ 50 ارب رپين جو قومي خزاني کي ڌاڙو هنيو. 5 ارب رپين جي پراپرٽي فرح گوگي ۽ بشريٰ بي بي جي نالي ڪرائي ۽ 2 ارب پاڻ کڻي ويو. مان گهر ڪريان ٿو ته عمران خان ۽ ان جا ساٿاري شريف فئملي کان نه پر پوري قوم کان معافي وٺن. هن پاڪستان جي رياست ۽ عوام کان معافي وٺن ته انهن غلط ڪم ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته جڏهن چونڊن جي تاريخ جو اعلان ٿيندو پارٽي جي درخواست هوندي ته نوازشريف پارٽي کي ليڊ ڪرڻ لاءِ ايندو، 9 ڊويزن آهن جلسن جي نتيجن مان اندازا واضح ٿي ويندا ته ڪنهن کي ڪنهن قسم جو شڪ نه رهندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button