اسلام آبادپاڪستان

عمران خان تي حملي جي جاچ لاءِ فيصل واوڊا،حماد اظهر سميت 35 ڄڻا طلب

اسلام آباد: تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان تي حملي جي جاچ لاءِ قائم جي آءِ ٽي فيصل واوڊا، حماد اظهر ۽ فيصل جاويد سميت 35 ڄڻن کي طلب ڪري ورتو. جي آءِ ٽي پي ٽي آءِ جي اڳوڻي اڳواڻ فيصل واوڊا کي طلبي لاءِ خط جاري ڪيو آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته فيصل واوڊا عمران خان تي حملي جي جاچ ۾ شامل ٿئي. خط ۾ کيس هدايت ڪئي وئي آهي ته فيصل واوڊا سمورن دستاويزن، قومي سڃاڻپ ڪارڊ سان گڏ سڀاڻي پيش ٿئي. جي آءِ ٽي طرفان ياسمين راشد، حماد اظهر، فيصل جاويد، عمران اسماعيل، عمر سرفراز چيما کي پڻ طلب ڪيو ويو آهي. جي آءِ ٽي انهن اڳواڻن سميت 35 ڄڻن کي سڀاڻي پيش ٿيڻ جي هدايت ڪئي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button