اسلام آبادپاڪستانسنڌ

سنڌ ۾ ڊينگي پراڻا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا،سال ۾ 61 ماڻهو فوت

اسلام آباد :ڊينگي وائرس سنڌ ۾ گذريل سمورا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا. صحت کاتي موجب 2020ع ۽ 2021ع جي ڪيسز ۾ 400 سيڪڙو واڌ ڏسڻ ۾ آئي. گذريل سال جي ڀيٽ ۾ ڊينگي وگهي فوتگين ۾ 100 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي. صحت کاتي موجب 2021ع ۾ ڪراچي ۾ ڊينگي سبب 22 ماڻهو فوت ٿيا هئا. جڏهن ته 2022ع ۾ 49 ماڻهو ڪراچي ۾ فوت ٿي چڪا آهن. 2021ع ۾ سنڌ اندر 6 هزار 7 سئو 39 ماڻهو ڊينگي وائرس جو شڪار ٿيا ۽ ٻارن توڙي عورتن سوڌو 28 ماڻهو ڊينگي سبب فوت ٿيا. صحت کاتي موجب 2020ع ۾ سنڌ اندر 4 هزار 3 سئو 18 ماڻهو ڊينگي جو شڪار ٿيا هئا.2020ع ۾ سنڌ ۾ ڊينگي سبب ڪل 3 ماڻهو زندگي جي بازي هارائي ويا هئا. 2022ع کان هن وقت تائين 22 هزار 26 سئو ماڻهو ڊينگي سبب متاثر ٿي چڪا آهن، 61 ماڻهو هلندڙ سال ڊينگي وگهي زندگي جي جنگ هارائي ويا، ڪراچي جو سينٽرل ۽ اوڀر ضلعا متاثر ماڻهن ۾ سرفهرست آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button