اسلام آبادپاڪستان

سپريم ڪورٽ ريڪوڊڪ معاهدي کي قانوني قرار ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد :سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ريڪوڊڪ منصوبي کي قانوني قرار ڏئي ڇڏيو. چيف جسٽس عمر عطا بنديال 13 صفحن تي ٻڌل ريڪوڊڪ ريفرنس تي مختصر راءِ ٻڌائي. سپريم ڪورٽ جي لارجر بئنچ صدارتي ريفرنس تي گڏيل راءِ جو اظهار ڪيو. سپريم ڪورٽ پنهنجي راءِ ۾ لکيو ته ريڪوڊڪ ريفرنس ۾ صدر ٻه سوال پڇيا هئا، راءِ ۾ عالمي ماهرن عدالت جي مدد ڪئي. عدالت جي راءِ ۾ لکيل آهي ته ملڪي آئين خلاف قانون قومي اثاثن جي معاهدي جي اجازت نٿو ڏئي. صوبا معدنيات بابت قانونن ۾ ترميمون ۽ تبديلي ڪري سگهن ٿا. سپريم ڪورٽ پنهنجي راءِ ۾ لکيو آهي ته ريڪوڊڪ معاهدو قانون سان ٽڪراءُ ناهي، نئين ريڪوڊڪ معاهدي ۾ ڪا غير قانوني ڳالهه ناهي. بلوچستان اسيمبلي کي به معاهدي بابت بريفنگ ڏني وئي. عدالت عظميٰ پنهنجي راءِ ۾ لکيو ته ريڪوڊڪ معاهدو سپريم ڪورٽ جي 2013 جي فيصلي خلاف ناهي. ريڪوڊڪ معاهدو ماحوليات بابت به درست آهي. ماهرن جي راءِ سان ئي وفاقي ۽ صوبائي حڪومت معاهدو ڪيو، بلوچستان اسيمبلي کي به اعتماد ۾ ورتو ويو هو. چونڊيل عوامي نمائندن معاهدي تي ڪو اعتراض نه ڪيو. واضح رهي ته صدر ريڪوڊڪ ريفرنس بابت راءِ گهرڻ لاءِ درخواست ڏني هئي، سپريم ڪورٽ ريفرنس تي 17 شنوائيون ڪيون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button