پاڪستانسنڌ

ڪراچي مان ڇوڪرين جي اسمگلنگ: جي آئي ٽي جوِڙڻ جو حڪم

ڪراچي: سنڌ هاءِ ڪورٽ ننڍي عمر جي ڇوڪري کي مبينا دلاسو ڏئي شادي ڪندڙ جوابدار جي درخواست ضمانت منظور ڪري ورتي آهي. عدالت اهم آبزرويشن ڏيندي مبينا اسمگلنگ تي گهرو کاتي کي جي آئي ٽي جوڙڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. جسٽس صلاح الدين پنهور تي ٻڌل سنگل بئنچ جي اڳيان ننڍي عمر جي ڇوڪري کي مبينا دلاسو ڏئي شادي ڪندڙ جوابدار عدنان جي درخواست ضمانت تي شنوائي ٿي. عدالت جوابدار جي ضمانت منظور ڪري ورتي. جوابدار بيان ۾ چيو هو ته مسڪان جي اغوا سان منهنجو ڪو تعلق نه آهي، هن کي سونيا ڦاسايو هو، سونيا سان فيس بوڪ تي دوستي کانپوءِ شادي ڪئي، سونيا جي ڪم بابت پتو نه آهي. گهران نڪري شادي ڪرڻ جي معاملي تي اهم آبزرويشن ڏيندي جسٽس صلاح الدين پنهور چيو ته ڇوڪري مسڪان جا ڇرڪائيندڙ انڪشاف سامهون آيا آهن، ظاهر ۾ لڳي ٿو ته عمان ڏانهن گهٽ عمر جي ڇوڪرين جي اسمگلنگ ٿئي ٿي، ڪراچي کان 14 ورهين جي گهٽ عمر جي ڇوڪري کي اغوا ڪيو ويو،

ڇوڪري جي بيان مطابق 3 ڀيرا هن کي وڪرو ڪيو ويو، هي ڇوڪري ته همت ڪري فرار ٿي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي. ڇوڪري بيان ۾ ٻڌايو ته جتي هن کي رهايو ويو هو، اتي 14-15 ٻيون ڇوڪريون به موجود هيون. هي هڪ سنجيده معاملو آهي، ان کي ايئن نٿو ڇڏي سگهجي، پوليس ۽ ادارا جاچ ڪن ته جيئن وڌيڪ ٻارڙين جي اسمگلنگ روڪي سگهجي. عدالت گهرو کاتي کي جي آئي ٽي جوڙڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. عدالت هيومن ٽريفڪنگ جي معاملي تي ايف آئي اي کي به جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. عدالت ايس ايس پي سٽي، ايف آئي اي آفيسرن کي ايندڙ شنوائي تي طلب ڪري ورتو. عدالت 9 جنوري تي تفصيل گهري ورتو، ڇوڪري جي مبينا اغوا ۽ شادي جو ڪيس عيدگاهه ٿاڻي تي داخل آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button