پاڪستانسنڌ

ايندڙ چونڊن ۾ ڪراچي مان پيپلزپارٽي سرپرائيز ڏيندي: بلاول ڀٽو

ڪراچي:پي پي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته انشا الله ايندڙ چونڊن ۾ ڪراچي مان پيپلزپارٽي سرپرائيز ڏيندي. سوشل ميڊيا اڪائونٽ تي بلاول ڀٽو زرداري، مرتضيٰ وهاب جي ٽوئيٽ تي جواب ڏيندي لکيو ته ڪجهه مهينن ۾ اسان ثابت ڪري ڇڏيو ته پيپلزپارٽي ڪراچي لاءِ ڊليور ڪري سگهي ٿي. بلاول ڀٽو لکيو ته پيپلزپارٽي جي 15 مهينن جو ڪنهن ٻئي دور سان ڀيٽ نه ڪريو، اسان 2018 کان ڪراچي مان پنهنجي قومي اسيمبلي جي سيٽن جو انگ ٻيڻو ڪيو.

هن کان اڳ مرتضيٰ وهاب ٽوئيٽر تي لکيو ته ڪراچي جي خدمت ڪرڻ جو موقعو ڏيڻ لاءِ بلاول ڀٽو جو ٿورائتو آهيان. اڳوڻي ايڊمنسٽريٽر مرتصيٰ وهاب لکيو ته هن عهدي تي ويهڻ اعزاز جي ڳالهه آهي ۽ مان عوام جي خدمت ڪرڻ جي پوري ڪوشش ڪئي. مرتصيٰ وهاب لکيو ته گذريل 15 مهينا منهنجي لاءِ هڪ چئلينج ۽ سکڻ جو عمل هو، مرتصيٰ وهاب لکيو ته مان هميشه ڪي ايم سي جي عملي ۽ ماڻهن جي محبت ۽ تعاون جو قدر ڪندس.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button