پاڪستانسنڌ

ٽنڊوالهيار ۾ ما سان گڏ آيل ٻارڙي سان مبينا زيادتي ڪوشش، جوابدار سوگهو

ٽنڊوالهيار: ٽنڊوالهيار شهر جي مجاهد ڪالوني جي رهواسڻ 13 سالن جي ٻارڙي بازار مان سامان وٺي ما سان گڏجي گهر وڃي رهي هئي ته بڪيرا روڊ تي جوابدار نينگري سان مبينه زيادتي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، ٻارڙي جي رڙين تي علائقي واسي پهچي کيس بچائي ورتو. علائقي واسين جوابدار کي پڪڙي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو. نينگري جي ما ٻڌايو ته ڌي سان گڏ بازار مان سامان وٺي گهر وڃي رهي هيس ته رستي ۾ گاڏي تان فروٽ وٺڻ لا بيٺس ۽ منهنجي ڌي اڳتي هلي ته ٿوري دير بعد رڙين تي آئون ڊوڙي پهتيس ته جوابدار منهنجي ڌي جا ڪپڙا ڦاڙي لاهڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو، جنهن تي مون رڙيون ڪيون ته علائقي واسي به گڏ ٿي ويا، جن جوابدار کي سوگهو ڪري ڌي کي بچائي ورتو. عورت اعلى اختيارين کان گهر ڪئي ته جوابدار کي عبرتناڪ سزا ڏئي انصاف ڪيو وڃي. ٻئي پاسي پوليس جوابدار کي بي سيڪشن ٿاڻي تي لاڪپ ڪري مٿس ڪيس داخل ڪري ڇڏيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button