پاڪستانسنڌ

لاڙڪاڻي ۾ پيپلز بس مٿان فائرنگ، مسافر محفوظ، 2 شڪي ماڻهو گرفتار

لاڙڪاڻو: لاڙڪاڻي ۾ پيپلز بس مٿان فائرنگ ڪئي وئي، جنهن سبب بس جو شيشو ٽٽي پيو، پوليس ٻن ڄڻن کي گرفتار ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي. ايس ايس پي واقعي جو نوٽيس وٺندي اي ايس پي جي اڳواڻي ۾ جاچ ٽيم جوڙي ورتي. رپورٽ موجب لاڙڪاڻي شهر جي الھه آباد ٿاڻي جي حد ابوبڪر قبرستان ڀرسان الله والا پل تي پيپلز بس مٿان مبينا طور فائرنگ ڪئي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ بس جو شيشو ٽٽي پيو، ان دوران مسافرن ۾ خوف ۽ حراس ڦهلجي ويو. واقعي ۾ ڪو به جاني نه ٿيو، اطلاع تي حد جي ٿاڻي سان گڏ ون فائيو مددگار بيس جي اهلڪارن موقعي تي پهچي تفصيل وٺي جاچ شروع ڪري ڇڏي. ان حوالي سان بس جي ڊرائيور حاڪم علي بروهي ٻڌايو ته اسان الهھ آباد ناگي شاهه وٽان مسافر کڻي باقراڻي ٽاور تي ٻيا مسافر کڻي الله والي پل تي جيئن ئي چڙهاسين ته ابوبڪر مقام واري پاسي کان فائر ٿيو، جيڪو ڪلينڊر سائيڊ لڳل اي سي کي اچي لڳو ته شيشو ٽٽو ۽ مسافرن ۾ رڙيون پئجي ويون. اهڙو اطلاع فوري طور تي ون فائي مددگار بيس ۽ الهھ آباد ٿاڻي جي پوليس کي ڏنو. هن وڌيڪ ٻڌايو اڳ به بس سروس کي سروٽا لڳا آهن، ٻين ڊرائيورن ٻڌايو آهي، اسان سمجهيو ته ٻارن جي ڪا حرڪت آهي، جيڪي سروٽا هڻندا آهن. ان حوالي سان الهه آباد ٿاڻي جي پوليس ٻڌايو ته واقعي بعد ٻن شڪي ماڻهن کي گرفتار ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي. ٻئي پاسي ايس ايس پي ڊاڪٽر محمد عمران خان ڄاڻايو آهي ته پيپلز بس نانگو شاهه وٽان مسافرن کي کڻي باقراڻي روڊ ابوبڪر قبرستان ڏانهن وڃي هئي ته 10 لڳي 50 منٽن تي الله والي پل وٽ بس جو شيشو ڪنهن گولي يا پٿر لڳڻ سبب ٽٽي پيو، جنهن ۾ هن وقت تائين ڪو به جاني نقصان يا ڪو ماڻهو زخمي ناهي ٿيو، اطلاع تي پوليس موقعي تي پهتي ۽ تفصيل معلوم ڪيا. هن ٻڌايو ته شروعاتي جاچ موجب ڪنهن تيز ڌار شي جيڪا پٿر يا گولي ٿي سگهي ٿي جي لڳڻ سان بس جي دريءَ جو شيشو ٽٽي پيو، آسپاس مان ڪو به خول هٿ ناهي آيو، تنهن ڪري جاچ ۾ بس جو شيشو فائرنگ يا پٿر لڳڻ وارن ٻنهي معاملن جو جائزو وٺي رهيا آهيون، مڪمل جاچ لاءِ اي ايس پي سٽي جي سربراهي ۾ جاچ ٽيم جوڙي وئي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button