پاڪستانسنڌ

ڏوڪري لڳ جهيڙي ۾ زخمي ٿيل عورت ڪراچي ۾ فوت

ڏوڪري: ڏوڪري ڀرسان ڳوٺ حاجي مشوري ۾ معمولي ڳالھه تان 6 ڏينھن اڳ ٻن سئوٽن ۾ جهيڙو ٿيو هو، جنهن دوران ڏنڊا لڳڻ سبب 45 سالن جي نيهالا عرف صدوران خاتون ڌي الهڏتو سوهو زخمي ٿي پئي هئي، جيڪا زخمن جا سور نه سهندي ڪراچي اسپتال ۾ فوت ٿي وئي. جڏھن ته عورت جو مڙھه ڪراچي کان ايمبولينس ذريعي اباڻي ڳوٺ حاجي مشوري آندو ويو، جتي ايئرپورٽ پوليس پهچي لاش تحويل ۾ وٺي مقامي اسپتال آندو، جتان پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد لاش وارثن حوالي ڪيو. هوڏانهن عورت جي ڀا نظير سوهو جوابدارن روشن سوهو، علي مراد سوهو ۽ ٻين خلاف 6 ڏينھن اڳ ايئرپورٽ ٿاڻي تي اين سي داخل ڪرائي هئي. نظير سوهو ميڊيا کي ٻڌايو ته منهنجي ڀيڻ کي بيدردي سان ڏنڊا هڻي قتل ڪيو ويو آھي، ڀيڻ جي قتل جو ڪيس ايئرپورٽ ٿاڻي تي داخل ڪرايو ويندو. هوڏانهن ايئرپورٽ ٿاڻي جي ايس ايڇ او علي مراد کوسو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته واقعي جا تفصيل وٺي ڇڏيا آهن، پوسٽ مارٽم بعد وارثن موجب ڪيس داخل ڪيو ويندو، جلد جوابدارن کي گرفتار ڪري وارثن سان انصاف ڪيو ويندو. هوڏانهن لاش گهر پهچڻ تي گهر ۾ ڪهرام متل هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button