پاڪستانسنڌ

پوليس موبائيل جي ٽڪر ۾ نوجوان مارجڻ تي اهلڪار کي 8 سال قيد، 42 لک ديعت جو حڪم

لاڙڪاڻو: لاڙڪاڻي جي عدالت پوليس گاڏي جي ٽڪر ۾ فوت ٿيل نوجوان جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي پوليس اهلڪار کي 8 سال قيد ۽ 42 لک 63 هزار رپيا وارثن کي ديعت جي رقم ڏيڻ جي سزا ٻڌائي ڇڏي. رپورٽ موجب لاڙڪاڻي جي ڇهين ايڊيشنل سيشن ۽ ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ جي جج جي عدالت ۾ لاڙڪاڻي شهر ڀرسان تعلقي ٿاڻي جي حد ۾ 4 سال اڳ پوليس گاڏي جي ٽڪر ۾ فوت ٿيل موٽرسائيڪل سوار نوجوان عرفان علي رند واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جتي فوتي نوجوان واري واقعي جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي عدالت پوليس گاڏي جي ڊرائيور سرتاج واهوچو کي 8 سال قيد ۽ وارثن کي 42 لک 63 هزار رپيا ديعت جي رقم ڏيڻ جي سزا ٻڌائي. ان حوالي سان ڪيس وڙهندڙ سپريم ڪورٽ جي وڪيل مخدوم طاهر عباس رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته 2018ع دوران عرفان علي رند پنهنجي دوستن واحد علي ککراڻي، اشفاق سانگي ۽ محمد قاسم جتوئي سان گڏ ٻن موٽرسائيڪلن تي سوار ٿي وڳڻ شهر ۾ شادي جي تقريب ۾ شرڪت ڪرڻ لاڙڪاڻي کان وڳڻ وڃي رهيا هو ته تعلقي ٿاڻي جي حد ۾ قمبر-شهدادڪوٽ پوليس جي موبائيل کيس ٽڪر هنيو، جنهن جي نتيجي ۾ عرفان علي رند فوت ٿي ويو هو، واقعي جو ڪيس نوجوان جي والد مولاداد رند جي فرياد تي تعلقي ٿاڻي تي داخل ٿيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button