پاڪستانسنڌ

سامارو ۾ ايس ڊي او آبپاشي خلاف آبادگارن ۽ صحافين جا مظاهرا

سامارو: سامارو ۾ پريس ڪلب جي صحافين سب ڊويزن سامارو جي ايس ڊي او مولابخش لغاري ۽ آبپاشي عملي خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري ايس ڊي او آبپاشي خلاف نعريبازي ڪئي. احتجاج جي اڳواڻي پريس ڪلب جي صدر خان محمد خاصخيلي، ڪيول سورماڻي، جئپال مالھي، علي محمد شيدي، محمد رفيق، روشن بھراڻي، ناز فقير شاھاڻي، مجاھد قائمخاني ۽ ٻين ڪئي. هنن چيو ته آبپاشي سامارو سب ڊويزن جو ايس ڊي او مولابخش لغاري، گيج آپريٽر موھن واڻيو ۽ عملي ساماري ۾ رڻ ٻاري ڏنو آهي، پوکي جي وقت رشوت نه ڏيندڙ ننڍن آبادگارن کي پاڻي نٿو ڏنو وڃي. آبپاشي ايس ڊي او ۽ عملو پاڻي جا وارا ماري واٽر ڪورسن تي ڀتو وصول ڪرڻ لا واٽر ڪورسن کي دڪا لڳائي ڇڏيا آھن، پئسا ڏيندڙ آبادگارن کي پائيپ ۽ شاخن تي ڳنڍا ڏياري پاڻي وڪرو ڪيو پيو وڃي، اسان ڪلاڪين جو پاڻي بند ڪيو پيو وڃي، ٻوڏ سبب سامارو جي ھزارين ايڪڙ زمينن ۾ اڃا تائين برساتي پاڻي ۾ بيٺل آهي، پر ڪجهھ زمينن تي پوکي ٿيل فصل پاڻي نه ملڻ ڪري سڪن پيا. ھوڏانھن ٻئي پاسي ڇتا شاخ جي آبادگارن لال محمد خاصخيلي، مھراب خاصخيلي، مشاھد سارنگ خاصخيلي ۽ ٻين پڻ آبپاشي ايس ڊي او مولا بخش لغاري خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو. هنن چيو ته آبپاشي سب ڊويزن ساماري جو ڪرپٽ ايس ڊي او مولابخش لغاري مٺڙائو ڪئنال سميت سب ڊويزن جي سمورين شاخن جي واٽر ڪورسن تي غيرقانوني وڏا ڌڪا لڳائي لکين رپين جون منٿليون مقرر ڪيون آهن. آبادگارن جا پاڻي جا وارا ماري پائيپن ۽ شاخن جي واٽر ڪورسن تي ڳنڍا ڏياري پاڻي وڪرو ڪري پيو. ھنن چيو ته ڇتا شاخ تي اسان جو جمع ڏينھن تي پاڻي جو وارو آھي، گذريل ڳچ سالن کان رشوت نه ڏيڻ تي اسان جي پاڻي جا وارا ماري زمينون بنجر ڪيون ويون آهن. پاڻي نه ملڻ ڪري پوکي نه ڪري سگھيا آھيون. ٻوڏ ۾ آبپاشي ايس ڊي او ۽ عملي شاخ کي گھارا ھڻائي ٻوڙايو، هاڻ وري پاڻي بند ڪيو ويو آهي. مٺڙائو ڪئنال تي ڊائريڪٽ واٽر ڪورسن ۽ شاخن جي واٽر ڪورسن تي 2 کان اڍائي لک رپيا منٿلي مقرر آهي. هنن آبپاشي کاتي جي صوبائي وزير ۽ ٻين کان گهر ڪئي ته ايس ڊي او مولابخش لغاري خلاف ڪارروائي ڪري پاڻي ڏياري انصاف ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button