پاڪستانسنڌ

خيرپور گنبوهه ۾ زمين تي قبضي لا ڪاهه، فائرنگ ۾ 2 ڳوٺاڻا زخمي

جهڏو: جهڏو لڳ بدين ضلعي جي شهر خيرپور گنبوهه جي ڳوٺ پوڙهي شيدي جي سرڪاري زمين تي قبضو ڪرڻ لاءِ هٿياربندن ڪاھه ڪري ڳوٺاڻن تي فائرنگ ڪري ڏني، جنهن سبب گوليون لڳڻ جي ڪري 2 ڳوٺاڻا زخمي ٿي پيا. ان سلسلي ۾ محمد اڪبر شيدي، محمد قاسم، الهڏنو، زينب ۽ زرينه شيدي جي اڳواڻي ۾ مردن، عورتن ۽ ٻارن گڏجي احتجاجي مظاهرو ڪيو. هنن صحافين آڏو دانهيندي چيو ته صبح جي وقت درجنين هٿياربندن ڳوٺ جي ڀرواري واري هڪ ايڪڙ زمين تي قبضو ڪرڻ لاءِ فائرنگ ڪئي، جنهن سبب 60 ورهين جو محمد عمر ۽ 30 سالن جو امجد علي شديد زخمي ٿي پيا، جن کي ڳوٺاڻن پنگريو اسپتال منتقل ڪيو، اطلاع تي پنگريو پوليس پهچي زمين تي پڪٽ قائم ڪري ڇڏي آهي. هنن چيو ته سرڪاري پڊ ۾ قائم ڳوٺ پوڙهو شيدي ۾ ستن پيڙهين کان آباد آهيون، سندن ڳوٺ 1987ع کانپوءِ رجسٽرڊ ٿيڻ بعد سرڪار اسان کي بجلي، گئس ۽ ٻيون بنيادي سهولتون فراهم ڪيون آهن، گذريل 3 سالن کان ٻاهران ماڻهو ڳوٺ جي ڀر واري هڪ ايڪڙ زمين تي قبضو ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهن، جنهن جو ڪيس بدين جي عدالت ۾ هلندڙ آهي. ان سلسلي ۾ اسان اڳواٽ ايس ايس پي بدين کي درخواستون پڻ ڏنيون، پر بااثر قبضا مافيا جا ماڻهو سرعام هٿيارن جي نمائش ڪري ڏاڍ جي زور تي سندس ڳوٺ جي سرڪاري زمين تي قبضو ڪرڻ جي ڪوشش ڪن پيا، بااثرن مان سخت جاني مالي نقصان جو خدشو آهي. هنن آئي جي سنڌ ۽ چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ کان اپيل ڪئي ته تحفظ ڏئي قبضا مافيا خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button