پاڪستانعالمي

پاڪستاني هاڻي فيس بوڪ ذريعي پئسا به ڪمائي سگهن ٿا:بلاول ڀٽو جو اعلان

پرڏيهي معاملن جي وزير بلاول ڀٽو زرداري پاڪستانين کي فيس بوڪ ذريعي ڏوڪڙ ڪمائڻ جي وڏي خوشخبري ٻڌائي آهي. بلاول ڀٽو زرداري سنگاپور ۾ ميٽا (فيس بوڪ) جي ايشيا پيسفڪ هيڊ ڪوارٽر جو دورو ڪيو. پرڏيهي آفيس موجب پرڏيهي وزير ان موقعي تي پاڪستان ۾ آءِ ٽي جي شعبي جي ڪاميابين ۽ وسيع امڪانن کي اجاڳر ڪندي ميٽا ۽ پاڪستان جي وچ ۾ تعاون وڌائڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. ٻئي طرف بلاول ڀٽو زرداري سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل پيغام ۾ ٻڌايو ته نئين فيچر سان هاڻ پاڪستان جا ماڻهو فيس بوڪ تي پنهنجو فواد مونيٽائز ڪري سگهن ٿا. هن چيو ته فيس بوڪ واهپيدارن کي جيترا وڌيڪ اسٽارز ملندا اوترا ئي وڌيڪ پئسا ڪمائي سگهندا، اميد ته پاڪستاني نوجوان سوشل ميڊيا کي مقصد لاءِ استعمال ڪندا. پ پ چيئرمين وڊيو پيغام ۾ ميٽا طرفان پاڪستان ۾ مونيٽائزيشن جاري ڪرڻ لاءِ اسٽارز پروگرام بابت به آگاهه ڪيو. بلاول ڀٽو وڌيڪ چيو ته انسٽاگرام ۽ فيس بوڪ جي مالڪ ڪمپني ميٽا تمام جلد پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪندي، جڏهن ته پاڪستان ۾ مونيٽائيزيشن لا اسٽارز پروگرام جي شروعات به ڪئي وئي آهي، هاڻي ميٽا ڪمپني جي ايپ فيس بوڪ تي پاڪستاني سڃاڻپ ڪارڊ رکندڙ واهپيدار به پنهنجون تخليقون (ڪنٽينٽ) کي ڪمائي جو ذريعو بڻائي سگهن ٿا، اسٽارز پروگرام تحت جيڪي پاڪستاني واهپيدار فيس بوڪ تي پنهنجون تخليقون وڊيو جي صورت ۾ شيئر ڪندا ۽ ڏسندڙ انهن کي جيترا اسٽارز ڏيندا، ان حساب سان وڊيو اپ لوڊ ڪندڙ کي پئسا ملندا، ان سهولت مان سڀ کان وڌيڪ فائدو عورتون کڻي سگهن ٿيون، جيڪي گهر ويٺي پنهنجي آمدني ۾ اضافو ڪري سگهن ٿيون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button