ٽنڊوالهيار: ٽنڊوالهيار ۾ ورڪس اينڊ سروسز کاتي جي صوبائي وزير ضيا عباس شاهه رضوي طرفان يوم تاسيس جو جلسو منعقد ڪيو ويو، صوبائي وزير ريلي جي صورت ۾ جلسي ۾ شرڪت ڪئي، جتي يوم تاسيس جو ڪيڪ پڻ ڪاٽيو ويو. ان موقعي تي صوبائي وزير ضياءَ عباس شاهه رضوي مين مارڪيٽ چوڪ تي جلسي کي خطاب ڪندي چيو ته عمران خان سرٽيفائيڊ چور آهي، هاڻ مخالفن جو وقت ختم ٿي ويو آهي، اسان کي خبر آهي ته مخالفن ووٽ ڪيئن کنيا، جن جون ضمانتون ضبط ٿيڻ واريون آهن، ايندڙ وزيراعظم بلاول ڀٽو زرداري ٿيندو، آئون مخالفن کي سياستدان نه ٿو سمجهان ۽ انهن کي ان قابل ناهيان سمجهندو ته انهن جي سوالن جا جواب ڏيان. هن چيو ته برساتن سبب جتي ڪٿي روڊ رستا اکڙيا آهن، اسان نئين سر رستا ٺاهينداسين، آئون واعدو ڪريان ٿو ته جيڪي جيڪي اسڪيمون اي ڊي پي ۾ شامل هونديون، اهي جون تائين مڪمل ڪيون وينديون. هن چيو ته ٽنڊوالهيار جا جيڪي به ميگا پروجيڪٽ آهن، انهن کي جلد شروع ڪيو ويندو، سول اسپتال جي مين او پي ڊي ۽ ٻارن جو وارڊ نئين بلڊنگ بدران شهر ۾ ئي هوندا، پارٽي قيادت چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ وزيراعلي سنڌ جون هدايتون آهن ته عوام جا بنيادي مسئلا فوري حل ڪيا وڃن، سموري صوبي ۾ روڊن جا ڄار وڇايا آهن، جيڪي جلد مڪمل ٿي ويندا. ان موقعي تي پ پ ضلعي جي نائب صدر مولابخش ٿيٻو، حاجي زوار پرويز سمون، سٽي ٽنڊوالهيار جي شاهد جعفر قائمخاني، اميد علي دل، راجا هاليپوٽو ۽ ٻيا اڳواڻ موجود هئا.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close