پاڪستانسنڌ

شهدادپور ۾ ثقافتي مچ ڪچهري، مهمانن کي ٽوپيون ۽ اجرڪ جا تحفا

شھدادپور: شھدادپور ۾ ڪاظم وساڻ تي ثقافت کي اجاگر ڪرڻ لا پ پ جي نوجوان اڳواڻ فھد خان وساڻ ۽ سندس لوورز ٽيم جي ميزباني هيٺ ثقافتي ڏهاڙو ملهائڻ جي سلسلي ۾ مچ ڪچهري ڪوٺائي وئي، جنهن ۾ خاص مهمان ايم پي اي شاهد عبدالسلام ٿهيم هو، ڪچهري ۾ پ پ اڳواڻن، ڪارڪنن، واپاري اڳواڻن ۽ ٻين شھرين ثقافتي ويس پهري وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. پ پ اڳواڻ فهد خان وساڻ، لوورز ٽيم جي اڳواڻ امام بخش پنڃارو، خليل جان بروهي، احسان شاهھ، جنيد جان، شهمير پنڃارو، علي نواز پنڃارو، عرفان مغل، رفيق ملاح، صدام ٻگهيو، مير مھتاب جان، مٺل ڏيٿو، حيدر ابڙو ۽ ٻين مهمانن کي پٽڪن، اجرڪن، ٽوپين ۽ لونگين جا تحفا پيش ڪيا. ان موقعي تي فهد خان وساڻ ۽ لوورز ٽيم خطاب ڪندي چيو ته سنڌ ڌرتي شاھڪار ثقافت جي حامل آھي. سنڌ جي مهمانوازي جي هاڪ هنڌين ماڳين مشهور آھي. ايم پي اي شاهد عبدالسلام ٿهيم پنهنجي خطاب ۾ چيو ته انھي ۾ ڪو به وڌا ناهي ته سنڌ جي ثقافت کي جياپو ڏئي ۽ نروار ڪرڻ ۾ سنڌي ميڊيا جو اهم ڪردار آهي. راڳ رنگ جي محفل ۾ سريلي راڳي استاد عباس فقير پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو. نوجوانن رقص پڻ ڪيو.ڪچهري ۾ ايڊمنسٽيٽر لياقت علي ڪلهوڙو، علي مرتضى ٿهيم، ذوالفقار علي زرداري، نظير جان بروهي، ميران شهاب الدين، عطا محمد باگراڻي، سونو خان ڀنڀرو، ڊاڪٽر نياز چنڙ، محمد انور زرداري، محمد آچر باگراڻي، دائم خان منگي، آغا خداداد، عبدالحفيظ ڪلهوڙو، امان ناگره، عثمان راجپوت، خادم لاکو، عبدالغفور بروهي، سهيل اختر لاکو، پرمانند پرڪاش ڪمار، جاني پنڃارو، اوي ڪمار، مڪيش ڪمار، پپو لاکو، ميوو مل، عبدالباقي بروهي، رستم ميمڻ، آغا خداداد پٺاڻ، ڄام پنهل، انور مجاهد شيخ، ناصر شيخ، پير اڪرام رضا، موهل خادم ميمڻ، رائو يوسف، صحافين انجم ٻگهيو، شاد علي منگي، اسد ڏاهري، اسلم آزاد، علي نواز سريو ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button