عمرڪوٽ: عمرڪوٽ ۾ سنڌي ٻولي جي نامياري شاعر خانصاحب عبدالڪريم پلي جي ڪتاب وڻجاري وايون جي پڌرائي تقريب مزمل گيسٽ هائوس ۾ ٿي، ڪتاب جي مهورتي تقريب ۾ ناليواري اديبن نصير مرزا، مير حسين آريسر، ڊاڪٽر اسد جمال پلي، ارباب نيڪ محمد، حاجي بقا پلي، خانصاب اختر پلي، حاجي انور راڄڙ ۽ ٻين شرڪت ڪئي. ان موقعي تي مقررن پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته جيڪڏهن سنڌي ادب جي آبياري ڪندڙ گذريل صدي جا امير ماڻهو سموري سنڌ ۾ ڳڻبا ته آڱرين جيترا مس ٿيندا، انهن سڀني ۾ خانصاحب عبدالڪريم پلي ۽ سندس خاندان کي پهرين صف ۾ شمار ڪري سگهجي ٿو، جن پاڻ به سنڌي ٻولي ۽ ان جي تاريخ ۽ تهذيب کي سمجهيو، عثمان ڏيپلائي کان معمور يوسفاڻي تائين سوين محققن ۽ شاعرن جي حوصلا افزائي ڪئي، اڄ جڏهن سٺ سالن کانپو سندس سهيڙيل ڪتاب “وڻجارن وايون” جي ٻيهر اشاعت ٿي پڙهندڙن تائين پهتي آهي. ڪتاب جي اڄوڪي رونمائي سميت جيڪي به علمي شهپارا اشاعت هيٺ اچي محفوظ ٿي ويندا آهن، تن منجهان ڀئونرا تا قيامت واس وٺندا رهن ٿا.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close