خيرپور: مهينو اڳ ڪراچي مان کنڀي گم ڪيل پورھيت درزي غفار مرکنڊ جي آزادي لاءِ وارثن خيرپور ۾ سيشن ڪورٽ روڊ تي بک هڙتالي ڪئمپ قائم ڪئي آهي، جنهن جي اڳواڻي سندس ما ارباب خاتون، گهرواري فرزانه، ڀا سچل، نياز مرکنڊ ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا. ان موقعي تي وارثن جو چوڻ آھي ته ٻوڏ ۽ برساتن ۾ بيروزگاري کان تنگ ٿي غفار ڪراچي مزدوري لاءِ ويو هو، جيڪو 10 نومبر تي صبح جو 5 بجي ڪراچي ڪورنگي بلال ڪالوني مان ٻٽ ٻڌل ماڻهن هٿان کنڀجي ويو. ھنن چيو ته غفار ھڪ غريب مزدور آهي، ھو اڪيلو ڪمائي گهر جو چرخو هلائيندڙ ھو، سندس گمشدگي بعد ما ۽ ٻارڙا پريشان آهن. مهينو گذرڻ باوجود ڪابه خبر ناهي. ھنن ڊي جي رينجرز، سي سي پي او ڪراچي ۽ انساني حقن جي تنظيمن کي اپيل ڪئي ته نوجوان ظاهر ڪري آزاد ڪرائي ڏنو وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close