پاڪستانسنڌ

اسيمبلي ٽوڙن عمران خان جي وس ۾ ناهي:منظور وساڻ

ڪنب: پ پ جي سينيئر اڳواڻ ۽ صوبائي صلاحڪار زراعت منظور حسين وساڻ ڪنب لڳ ڳوٺ عارب سولنگي پهچي محسن علي سولنگي ۽ مجاور سولنگي جي ما، عوامي پريس ڪلب ڪنب جي صدر ناز سولنگي ۽ ڊي ايس پي احمد علي سولنگي سان سندن ڀاڄائي جي وفات تي تعزيت ڪئي، جنهن بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي منظور حسين وساڻ چيو ته اسيمبلي ٽوڙڻ عمران خان جي وس ۾ ناهي، قومي اسيمبلي وزيراعظم ۽ صوبائي اسيمبلي وزيراعلى ٽوڙي سگهي ٿو. هڪ سوال جي جواب ۾ منظور حسين وساڻ چيو ته سنڌ حڪومت برسات جي مشڪل گهڙي ۾ برسات متاثرن کي اڪيلو نه ڇڏيو. متاثرن جي هر ممڪن مدد ڪري رهيا آھيون، برسات سبب سنڌ ۾ زراعت کي تمام گهڻو نقصان پهتو آھي، جنهن لا سنڌ حڪومت آبادگارن ۽ هارين کي في ايڪڙ تي ٻج لا 5 هزار ڏئي پئي. منظور حسين وساڻ چيو ته عمران خان حڪومت خلاف بيان بازي ڪري رهيو آھي، عمران خان جو هاڻ وقت گذري ويو آھي. ان موقعي تي نادر علي سولنگي، لياقت سولنگي، تنوير وساڻ، فرزند سولنگي ۽ ٻيا موجود هئا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button