پاڪستانسنڌ

گهوٽڪي ۾ ڄاڃين جي وين سان خطرناڪ حادثو،عورت سميت 3 ڄڻا فوت،21 زخمي

گهوٽڪي با پاس تي ڄاڃين جي وين جو ٽرالر سان ٽڪر ٿيڻ ڪري عورت سميت 3 ڄڻا فوت ٿي ويا ۽ 21 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن. خبر موجب گهوٽڪي با پاس تي گذريل رات دير سان سکر کان ڏھرڪي ڏانهن ٻن ڀائرن ڪلتار لال ۽ اڪشي ڪمار جي ڄڃ کڻي ويندڙ ويگن جو ٽرالر سان ٽڪر ٿي پيو، جنهن سبب مور لال، دادا اوڏ ۽ مائي ڦلي فوت ٿي ويا، جڏهن ته ٻارڙن ۽ 10 عورتن سميت 21 ڄڻا زخمي ٿي پيا، زخمين ۾ درشن اوڏ، سهڻو اوڏ، وجئه ڪمار، منٺار، وقار اوڏ، مائي مور زادي، رخسانا، نظيران، روبينا، پري ۽ ٻيا شامل آهن، حادثي جو اطلاع ملڻ تي اي سيڪشن ٿاڻي جي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي زخمين کي تعلقي اسپتال گهوٽڪي ۽ خانگي اسپتال منتقل ڪيو، جتي زخمين کي طبي امداد ڏيڻ بعد وڌيڪ علاج لا سکر ۽ رحيم يار خان اسپتالن ڏانهن ريفر ڪيو ويو. ٻڌايو پيو وڃي ويگن سکر کان ڏھرڪي طرف ڄڃ کڻي وڃي رهي هئي ته گهوٽڪي با پاس تي قومي شاهراهه جي هڪ پاسي ڪمند سان ڀريل ٽراليون بيٺل هجڻ ڪري حادثو ٿي پيو، حادثي ۾ فوت ٿيل هڪ ڄڻي جي مڙهه کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، واضح رهي ته ڪمند سان ڀريل ٽراليون ڏينهن رات بيٺل هجڻ ڪري ٽريفڪ جي رواني متاثر ٿئي ٿي ۽ حادثن جو خطرو رهي ٿو پر ان باوجود موٽر وي پوليس ڪمند سان ڀريل ٽريڪٽر ٽراليون بيهارڻ جو نوٽيس ناهي ورتو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button