پاڪستانسنڌ

عثمان ڏيپلائي ٻولي اداري ۾ رت ست ڏئي ڪم ڪيو:تاج جويو

حيدرآباد: سنڌ جي نامياري محقق، ڊراما نويس، آثار قديمه جي ماهر ۽ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جي اڳوڻي ڊائريڪٽر محمد عثمان ميمڻ جي پهرين ورسي جي تقريب محمد عثمان ميمڻ اڪيڊمي پاران سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري جي سهڪار سان سنڌي ٻولي جي بااختياري اداري جي هال ۾ ملهائي وئي. تقريب ۾ سنڌي ادبي سنگت جي سيڪريٽري جنرل تاج جويي چيو ته عثمان ميمڻ سان واسطا پراڻا آهن، 80 واري ڏهاڪي ۾ سائين جي ايم سيد جي سالگراهن تي ملندا هئاسين ۽ ويجهڙائپ رهي. عثمان 2008ع ۾ اٿارٽي جي انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا اسڪيم جو ڊائريڪٽر مقرر ٿيو ۽ هن پنهنجو رت ست ڏئي ڪم ڪيو. پروفيسر ڊاڪٽر ڀائي خان شر چيو ته عثمان ميمڻ جي پٽ چار سئو ڪتابن جو ذخيرو يونيورسٽي جي حوالي ڪري انهن کي نئين ۽ ڪارائتي زندگي ڏني. عثمان ميمڻ جي گهرواري نجمه عثمان ميمڻ چيو ته عثمان ميمڻ جو وڇوڙو اسان لاءِ تمام گهڻو ڏکوئيندڙ هو، پر سندس ڪيل ڪم اتساهه ڏين ٿا، هن کي موسيقي سان گهڻو پيار هو ۽ بانسري وڄائي پاڻ ڳائي ٻڌائيندو هو. ناليواري شاعر علي دوست عاجز چيو ته محمد عثمان ميمڻ جي جيتري گهڻ رخي شخصيت هئي، پر کيس اها پذيرائي نہ ملي، ان جو سبب هو ته هُو ڪڏهن به شهرت جي ڊوڙ ۾ شامل نه ٿيو. سيڪريٽري پروفيسر شبنم گل چيو ته زندگي مختصر آهي، اها گذاري ماڻهو ڇڏي هليو ويندو آهي، پر سندس ڇڏيل ڪم ۽ ڪردار هميشگ ياد رهندا آهن. ناليواري راڳي استاد امير علي چيو ته استاد عثمان ميمڻ ڪمال جو ماڻهو ۽ راڳ جو وڏو ڄاڻو هو. حفيظ قريشي چيو ته سائين عثمان، استاد بخاري جي صحبت ۾ رهڻ وارو مزاجن ۾ به ٻين جي همت افزائي ڪندڙ انسان هو. آرٽسٽ رفيق عيساڻي چيو ته تحقيق جو فن هجي يا موسيقي عثمان ميمڻ سان ڪچهري ۾ ڪلاڪ گذري ويندا هئا، پر موضوع نه کُٽندا هئا. آرٽسٽ عبدالمنان عباسي عرف ماما لالو چيو ته هو ٽي وي تي ڊرامي جي دنيا جو وڏو ماڻهو هو، سندس گم ٿيل ڊرامو سامهون آندو وڃي. محمد عثمان ميمڻ جي پٽ احسان ميمڻ چيو ته پي ٻاجهارو انسان هو. ورسي تقريب دوران محمد عثمان ميمڻ بابت ترتيب ڏنل ڪتاب “منڇر جو ماڻهو” جو مهورت ۽ سندس ويب سائيٽ جو افتتاح ڪيو ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button