پاڪستانسنڌ

ٽنڊوآدم ۾ ماني دير سان ڏيڻ تي هوٽل مالڪ ۽ ويٽرن تي تشدد

ٽنڊوآدم: ٽنڊوآدم جي مڪي مسجد ڀرسان واقع داتا شيرمال هوٽل تي ماني دير سان ڏيڻ تان جوابدارن هوٽل مالڪ ناصر انصاري، ٻن ويٽرن محمد نديم انصاري ۽ خرم شهزاد کي لوهي راڊن، چاقن ۽ پسٽل جي بٽن سان تشدد ڪري زخمي ڪري ڇڏيو، جوابدارن هوٽل جي ٻوڙ جا ديڳڙا، ڪرسيون ۽ ٻيو سامان اڇلائي ڀڃ ڊاهه ڪئي ۽ فرار ٿي ويا، واقعي بعد هوٽل مالڪ جي فرياد تي ڪارو عرف سليمان، پوڙهو عرف الله بخش چاڪراڻي، بابر چاڪراڻي ۽ ڏاڏو سميت 5 نامعلوم جوابدارن خلاف سٽي ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، پر گرفتاري عمل ۾ نه آئي. جڏهن ته واقعي ۾ ملوث جوابدارن ڪيس داخل ڪرائڻ ۾ مدد ڪندڙ انجمن تاجران جي صدر اقبال ڀٽي جي شاهي بازار ۾ واقع دڪان تي هلان ڪئي ۽ مٿس توڙي ملازمن تي حملي جو ڪوشش ڪئي، گوڙ تي دڪاندار گڏ ٿي ويا، جنهن تي دڪاندارن ۽ جوابدارن ۾ منهن ماري ٿي پئي، جهيڙي کي اقبال ڀٽي وچ ۾ پئي ٽاريو ته جوابدار هوائي فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا. واقعي خلاف دڪاندارن ۽ انجمن تاجران جي اڳواڻن اقبال ڀٽي، نوشاد شيخ ۽ ٻين سانگهڙ پهچي ايس ايس پي سانگھڙ بشير احمد بروهي سان ملاقات ڪري احتجاج ڪندي دانهيو. ايس ايس پي سانگهڙ وفد کي انصاف جي خاطري ڪرائي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button