پاڪستانپنجاب

تحريڪ انصاف جو پهرين مرحلي ۾ پنجاب اسيمبلي ٽوڙڻ ۽ احتجاجي تحريڪ کي اليڪشن مهم ۾ تبديل ڪرڻ جو فيصلو

تحريڪ انصاف جي قيادت اسيملبين جي حوالي سان مشاورتي اجلاس ۾ پهرين مرحلي اندر پنجاب اسيمبلي ٽوڙڻ تي اتفاق ڪري ورتو، جڏهن ته احتجاجي تحريڪ کي اليڪشن مهم ۾ تبديل ڪرڻ جو فيصلو پڻ ڪيو ويو آهي. تفصيل موجب اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ راولپنڊي سان واسطو رکندڙ اسيمبلي ميمبرن جو لاهور ۾ مشاورتي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ فيصلو ڪيو ويو ته پهرين مرحلي ۾ پنجاب اسيمبلي ۽ بعد ۾ خيبر پختونخوا اسيمبلي ٽوڙي ويندي، تحريڪ انصاف جا قومي اسيمبلي ميمبر ايوان ۾ ٻيهر پيش ٿي استعيفا ڏيندا. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته احتجاجي تحريڪ کي چونڊ مهم ۾ تبديل ڪيو ويندو. پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان چيو ته پي ڊي ايم حڪومت جي غير اثرائتي پاليسين ملڪ کي ازالي نه ٿيڻ جوڳو نقصان پهچايو آهي، معاشي ۽ سياسي بحران مان نڪرڻ جو هڪ ئي رستو آهي ته تڪڙيون ۽ شفاف چونڊون ڪرايون وڃن. ٻئي طرف معاشي ٽيم جي هنگامي اجلاس کي وڊيو لنڪ خطاب ڪندي عمران خان چيو ته پاڪستان جون اڄ کان پهرين ڪڏهن به ايتريون خراب معاشي حالتون نه هيون، قوم کي اهو پتو هجڻ گهرجي ته اسان ڪيڏانهن وڃي رهيا آهيون. هن چيو ته عدليا جو به اهم ڪردار آهي، جنهن کي ملڪ جي صورتحال تي ڌيان ڏيڻ کپي، ملڪ تيزي سان هيٺ وڃي رهيو آهي جنهن جو اثر سڀني ادارن تي پوندو. اڳوڻي وزيراعظم چيو ته ملڪ جا ادارا فوج ۽ عدليا سوچي تي اسان اڄ ڪٿي بيٺا آهيون، جيڪڏهن حالتن کي نه سنڀاليو ويو ته اڃا وڌيڪ خراب ٿي سگهن ٿيون، مان رڳو قوم نه پر ادارن کي به مخاطب آهيان، آئون حيران آهيان ته واپاري برادري ڇو آواز نه پئي اُٿاري، واپاري ۽ صنعتڪار ڇو خاموش آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button