اسلام آبادپاڪستان

تحريڪ انصاف جي ٽن صوبائي حڪومتن اسلام آباد ۾ ڌرڻو هڻڻ جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي

ملڪ جي ٽن صوبن پنجاب، خيبر پختونخوا ۽ گلگت- بلتستان ۾ تحريڪ انصاف جي صوبائي حڪومتن سميت آزاد ڪشمير جي حڪومت به اسلام آباد جو گهيراءُ ڪرڻ جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي آهي. خيبر پختونخوا ۽ گلگت جي وڏن وزيرن، پنجاب ۽ آزاد ڪشمير جي ناڻي وارن وزيرن اسلام آباد ۾ گڏيل پريس ڪانفرنس دوران اهم اعلان ڪيو. گلگت جي وڏي وزير خالد خورشيد خان چيو ته صوبي ۾ اٽو ۽ ٻيون شيون ختم ٿي ويون آهن، وفاقي سرڪار حصي جا پئسا نه پئي ڏئي، اسان سڄي صوبي ۾ هڙتال ڪري اسلام آباد ۾ ڌرڻو هڻنداسين. خيبر پختونخوا جي وڏي وزير محمود خان چيو ته وفاقي سرڪار صحت ڪارڊ ۽ فاٽا جا پئسا نه پئي ڏئي، وفاق پختونخوا صوبي کي حق نه ڏنا ته اسلام آباد ۾ وڏو ڌرڻو هنيو ويندو. پنجاب جي ناڻي واري وزير محسن لغاري چيو ته ٻوڏ متاثرن جي سهائتا لاءِ رڳو سنڌ ۽ بلوچستان کي فنڊ ڏنا ويا آهن، جڏهن ته پنجاب ۽ پختونخوا صوبن کي مڪمل طور نظرانداز ڪيو ويو آهي، ڇا ٻوڏ رڳو سنڌ ۽ بلوچستان ۾ آئي هئي. پريس ڪانفرنس ۾ آزاد ڪشمير جي ناڻي واري وزير عبدالماجد چيو ته وفاق جي چوڻ تي اسان بجيٽ پيش ڪئي پر هاڻي وفاقي سرڪار آزاد ڪشمير کي گرانٽ ڏيڻ لاءِ تيار ناهي، وفاق کي صوبن جو جائز حصو هر صورت ۾ ڏيڻو پوندو، اسان وٽ احتجاج جو رستو کليل آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button