پاڪستانسنڌ

تلهار ويجهو ڪار جي ٽڪر ۾ ٻن عورتن سميت 4 ڄڻا فوت

تلھار: تلھار ويجھو جمالي ڦڙدو اسٽاپ وٽ تيز رفتار ڪار موٽر سائيڪل کي ٽڪر هنيو، جنهن جي نتيجي ۾ ڳوٺ محمد سومار جوڻيجو واسي 6 سالن جو معصوم ٻارڙو لياقت علي ۽ 20 سالن جو نوجوان آصف بٽ ٿڏي تي فوت ٿي ويا. جڏهن ته خالده، عابده ۽ صوبيا سخت زخمي ٿي پيون. ٻي طرف زخمين ۽ فوتين جا لاش رورل هيلٿ سينٽر تلهار آندا ويا، جتان زخمين کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ ٽنڊو محمد خان ريفر ڪيو ويو، جتي صوبيا ۽ عابده دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو. جڏهن ته قانوني ڪارروائي بعد نوجوان ۽ معصوم ٻارڙي جو لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. هوڏانهن لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو. حادثي بعد ڪار ڊرائيور فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. پوليس مطابق فوتي سمن سرڪار تان حاضري ڀري ڳوٺ اچي رهيا هئا ته حادثُو پيش آيو.
تلھار/4 فوت

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button