نوشھروفيروز: پسند جي شادي ڪندڙ ڪراچي جو جوڙو تحفظ لا نوشھروفيروز پھچي ويو، جتي صائما ۽ علي اصغر بلوچ دانهيندي ٻڌايو ته جسٽس آف پيس جي عدالت ۾ ڪجھه ڏينھن اڳ پسند جو پرڻو ڪيو آھي، جنھن بعد ڇوڪري جا عزيز ۽ اڳوڻي مڙس جا مائٽ عبدالخالق، حسن، باسط، جمال، گلاب بلوچ ۽ ٻيا مڇرجي پيا آھن ۽ کين مارڻ لا ڳولي رهيا آهن، جنھن بعد ڪراچي کان قاضي احمد آياسين ته جوابدار اتي به مارڻ لا پھچي ويا، جنھن بعد سر بچائڻ لاءِ نوشهري فيروز پهتا آهيون. هن اختيارين کان تحفظ فراھم ڪرڻ جي اپيل ڪئي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close