ھڱورجا: ھڱورجا ڀرسان ڳوٺ گلاب راڄپر ۾ بيٺل برساتي پاڻي چار مھينا گذرڻ باوجود نيڪال نه ٿي سگھيو .جنھن جي ڪري فوت ٿي ويل روشن راڄپر جو جنازو پاڻي مان گزاري قبرستان تائين پهچايو ويپ. ان حوالي سان ڳوٺاڻن دانهيندي ٻڌايو ته چار مھينن کان برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيو آهي، جنهن عذاب واري زندگي گذارڻ تي مجبور آھن، پنھنجي پيارن جا لاش به پاڻي مان گذاري قبرستان پهچايون پيا، پر اختياريون پاڻي نيڪال ڪرڻ لا تيار ناهن. هنن برساتي پاڻي نيڪال ڪرڻ جي گهر ڪئي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close