پاڪستانسنڌ

بدين ۾ مهمان پکين جو شڪار جاري، تصويرون وائرل، انتظاميا ننڊ پيل

بدين: جهنگلي جيوت کاتي جي نااهلي سبب سياري جون ٿڌيون هوائون هلندي ئي سائبيريا کان بدين ضلعي جي سامونڊي پٽي جي ڍنڍن تي هزارن جي تعداد ۾ پهتل مهمان پکين جو غيرقانوني شڪار گهٽجي نه سگهيو آهي. جڏهن ته بدين جي وارڊ هڪ اتفاق ڪالوني جي رهواسي اسد پٺاڻ پنهنجي دوستن حسن آرائين، صمد جعفري، فائق بلوچ ۽ عابد بوهڙ سان گڏجي سامونڊي پٽي جي تاريخي ۽ رامسر سائٽ قرار ڏنل نريڙي ڍنڍ تان پرديسي پکين جو شڪار ڪيو، جنهن کان پو شڪارين بندوق ۽ غير قانوني شڪار ڪيل پکين جون تصويرون سماجي ويب سائيٽ تي رکي ڇڏيون، پر جنگلي جيوت کاتي جي عملدارن سميت اختيارين نوٽيس نه ورتو. ان حوال سان شهرين جو چوڻ آهي ته جهنگلي جيوت کاتي جي نااهلي سبب مهمان پکين جو غيرقانوني شڪار ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته سنڌ حڪومت پاران پکين جي شڪار تي پابندي مڙهي وئي آهي، پو به شڪار بند نه ٿيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button