اسلام آبادپاڪستان

وفاقي حڪومت طرفان نوجوانن لا ليپ ٽاپ ۽ روزگار اسڪيمن جو اعلان

اسلام آباد : وفاقي حڪومت طرفان نوجوانن لا ليپ ٽاپ ۽ روزگار اسڪيمن جو اعلان ڪيو ويو آهي. سڌ سماءَ جي وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته 2018 کان وٺي 2022 تائين هڪ پروپيگنڊا ٽولو ملڪ تي مڙهيل هو. پي ٽي آئي سياسي پارٽي هجي ها ته سياسي مخالفن کي ڪوڙن الزامن تي نه ڦاسائي ها. هي ٽولو پنهنجي چئن سالن جي نااهلي، چوري ۽ ڪرپشن کان ڌيان هٽائڻ لاءِ افراتفري، سياسي عدم استحڪام پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. 2010 ۾ ان وقت جي وزيراعظم واشنگٽن ۾ پاڪستان جي ٻن عمارتن جي مرمت جا حڪم جاري ڪيا هئا. هڪ عمارت مڪمل ٿي چڪي آهي جيڪو ڪرائي تي ڏيڻ لاءِ تيار آهي، ٻي مرمت ناهي ٿي سگهي. آمريڪا 2018 ۾ هن عمارت جو سفارتي اسٽيٽس ختم ڪري ڇڏيو هو. 2019 کان وٺي هن وقت تائين 13 لک ڊالر حڪومت پاڪستان انهن عمارتن جي ٽيڪس جي مد ۾ ادا ڪري چڪي آهي. جيڪڏهن هي عمارت وڪرو نٿي ڪئي وڃي ته هر مهيني هڪ لک ڊالر اسان کي ادا ڪرڻا پوندا. اربع تي هتي مريم اورنگزيب، شزه فاطما خواجا سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته 2013 ۾ نوازشريف وزيراعظم جي حيثيت سان پرائمنسٽر يوٿ پروگرام شروع ڪيو. پرائم منسٽر يوٿ پروگرام جو مقصد پاڪستان جي نوجوانن کي روزگار ڏيڻو هو، ان دور ۾ جيڪي منصوبا شروع ٿيا انهن سمورن جو مقصد ملڪ ۾ ترقي ۽ روزگار مهيا ڪرڻ هو. مريم اورنگزيب چيو ته 2018 کان پوءِ ملڪ تي هڪ پروپيگنڊا ٽولو مڙهيو جنهن ڪنهن نئين منصوبي تي هڪ سر نه رکي، انهن اسان جي شروع ڪيل منصوبن جون تختيون تبديل ڪيون. مريم اورنگزيب چيو ته نوازشريف جي شروع ٿيل پرائم منسٽر يوٿ پروگرام کي هنن ماڻهن تڪراري بنائڻ جي ڪوشش ڪئي. شهباز شريف اقتدار ۾ اچڻ کان پوءِ هن پروگرام جي بحالي تي ڪم شروع ڪيو. شزه فاطما خواجه کي هن پروگرام جي ذميواري ڏني وئي. مريم اورنگزيب چيو ته هن پروگرام ۾ مختلف طبقن جي نوجوانن جي مسئلن کي ڏسندي هن پروجيڪٽ کي ٻيهر شروع ڪيو پيو وڃي. مريم اورنگزيب چيو ته گذريل 4 سال ڪامياب جوان پروگرام جي نالي سان هن پروگرام جي تختي ته تبديل ڪئي وئي پر اهي منصوبا جيڪي اسان شروع ڪيا هئا انهن ۾ 60 سيڪڙو منصوبا بند ڪيا ويا هئا. هن پروگرام تحت ننڍا ۽ وڏا قرض بحال ڪيا پيا وڃن جيڪي گذريل حڪومت ۾ بند ڪيا ويا هئا. مريم اورنگزيب چيو ته 15 کان 29 سالن جي 5 ڪروڙ کان وڌيڪ نوجوانن کي مختلف پروجيڪٽس جي ذريعي روزگار مهيا ڪرڻو آهي. هن چيو ته ليپ ٽاپ اسڪيم شهبازشريف 2011 ۾ پنجاب ۾ شروع ڪئي، پرائمنسٽر يوٿ پروگرام تحت انويشن ايوارڊ جو به منصوبو آهي. مريم اورنگزيب چيو ته راندين ۾ نوجوانن جي شامل ٿيڻ سان اهڙا موقعا پيدا ڪيا پيا وڃن جن سان نه رڳو روزگار پيدا ٿيندو پر نوجوانن جي اسڪلز ڊيولپمينٽ به ٿيندي. مريم اورنگزيب چيو ته پاڪستان جي 68 سيڪڙو نوجوان آبادي لاءِ هي هاڪاري پروگرام آهي. مريم اورنگزيب چيو ته رٿائون تڏهن ڪامياب ٿينديون آهن جڏهن نيت نيڪ هجي ۽ ترجيح پاڪستان جي عوام هجي گذريل چئن سالن ۾ جڏهن ٻه ڊالر تي ايل اين جي ملي رهي هئي تڏهن خريد نه ڪئي وئي. هن چيو ته گذريل چئن سالن دوران نوجوان نسل کي رڳو انتشار فساد ۽ تقسيم جو شڪار ڪيو ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button