پاڪستان

ڪنهن کان به مدد نه گهري آهي، اسٽيبلشمينٽ کي نيوٽرل ڏسڻ چاهيان ٿو:عمران خان

تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان سڀني ايم اين ايز ۽ پنهنجي استعيفائن جي تصديق لا قومي اسيمبلي جي اسپيڪر وٽ وڃڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته اسان 17 ڊسمبر تي لبرٽي چوڪ لاهور ۾ هڪ وڏو پروگرام ڪرڻ وڃي رهيا آهيون، جتي جلسي ۾ پارٽي سربراهه طور صوبائي اسيمبليون ٽوڙڻ جي تاريخ جو اعلان ڪندس. نوجوانن کي وڊيو لنڪ ذريعي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته اسيمبليون ٽوڙڻ جي اعلان بعد اسان جا قومي اسيمبلي جا 125 ميمبر استعيفائن جي تصديق لا اسپيڪر وٽ ويندا ۽ پنهنجون استعيفائون قبول ڪرائيندا. هن چيو ته جنرل (ر) پرويز مشرف اين آر او ون ڏنو ۽ جنرل (ر) قمر جاويد باجوا اين آر او-2 ڏنو آهي، جنهن تحت ڪرپشن جا ڪيس معاف ٿي رهيا آهن، باجوا پاڪستان سان اهو ڪيو آهي جيڪو ڪنهن دشمن به نه ڪيو هوندو، گذريل 7 مهينن ۾ جهڙي ريت اسان سان کليل دشمني ڪئي وئي، ائين ڪڏهن به ناهي ڏٺو، گمنام نمبرن تان فونون اچن ٿيون ته عمران خان جو ساٿ ڇڏي ڏيو، ارشد شريف، اعظم سواتي، شهباز گل ۽ جميل فاروقي سان جيڪو ڪجهه ٿيو اهو فقط ان ڪري جو هي اسان جي حق ۾ بيان ڏيندا هئا، مشرف جي مارشلا واري دور ۾ به انساني حقن جون اهي ڀڃڪڙيون نه ڏٺيوسين جيڪي هن ڀيري ٿيون آهن، سمجهه ۾ نٿو اچي ته پاڪستان کي معاشي ڌٻڻ مان ڪير ٻاهر ڪڍندو، جيڪڏهن پاڪستان ڊفالٽ ڪري ويو ته بيل آئوٽ ڪرڻ وارو ان جي ڪهڙي قيمت گهرندا، اسان سڀ ڄاڻون ٿا. اڳوڻي وزيراعظم وڌيڪ چيو ته آئون قطعي طور اسٽيبلشمينٽ کان مدد نه پيو گهران، آئون به اهو ئي چاهيان ٿو ته اسٽيبلشمينٽ نيوٽرل رهي، منهنجو وات بند رکڻ لا قاتلاڻو حملو ڪيو ويو پر جيستائين زنده آهيان آواز اٿاريندو رهندس، ملڪ ۾ اهو تاثر ٺهيل آهي ته اسان اسٽيبلشمينٽ کان مدد چاهيون ٿا، آئون ڪنهن کان به ڪا مدد نه گهري رهيو آهيان.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button