پاڪستانسنڌ

جهڏو جا ٻوڏ متاثر حڪومتي ۽ انتظامي رليف کان محروم

جهڏو: جهڏو شهر ۽ تعلقي جي ڪيترن ئي ڳوٺن توڙي متاثر ٿيل شهري علائقن جي ماڻهن جي هيل تائين ڪابه سهائتا نه ٿي سگهي آهي، سنڌ سرڪار به برساتن ۽ گهارن سبب مڪمل طور ٻڏي تباهه ٿيل جهڏو تعلقي جي عوام کي ڪو رليف ناهي ڏنو، برساتن ۽ گهارن سبب شهر توڙي چار يوسيز روشن آباد، باکر، مير خدابخش 2 ۽ مير الهبچايو ٽالپر جا سوين ڳوٺ ٻوڏ سبب سخت متاثر ٿيا، ڄاڻايل علائقن مان درجنين ڳوٺن توڙي شهر جي علائقن کي امداد کان محروم رکيو ويو آهي. هاڻ شهر ۾ ڪم ڪندڙ مختلف اين جي اوز به وڏيرن، سفارشي ۽ من پسند علائقن جي ماڻهن کي سروي ڪري امداد ڏيڻ ۾ مصروف آهن. ٻوڏ ۽ برساتن سبب ڊٿل گهرن جا هزارين ماڻهو روڊ رستن تي ويٺل آهن، جيڪي سياري جي ٿڌ تيز ٿيڻ سبب بيمار ٿي پيا آهن، پر مقامي انتظاميا به سندن ڪا مدد ناهي ڪئي، ڪاروبار متاثر هجڻ ڪري پورهيت، مزدور ۽ سفيد پوش ماڻهو سخت پريشان آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button