پاڪستانسنڌ

سلطان آباد ۾ ٽريڪٽر ٽرالين جي ٽڪر ۾ شاگرد فوت

مسڻ وڏي:يوسي سلطان آباد جي ڳوٺ اسلام پور جو رھواسي نائين ڪلاس جو شاگرد 15 سالن جو نعيم ولد عبدالشڪور عباسي موٽرسائيڪل تي نائين ڪلاس جو ٽيسٽ پيپر ڏيڻ لاءِ اسڪول وڃي رهيو هو ته سلطان آباد-مسڻ وڏي روڊ سامهون ايندڙ موٽرسائيڪل سان ٽڪرائجي ويو، نتيجي ۾ پويان ٿرڪول مان ايندڙ بجلي جي ٿنڀن جي تارن سان ڀريل ٽريڪٽر جي پويان لڳل ٽن کان وڌيڪ ٽرالين جي هيٺان اچي ويو، جنهن سبب شاگرد چيڀاٽجي فوت ٿي ويو، حادثي واري هنڌ سوين ماڻهو گڏ ٿي ويا، اطلاع تي سلطان آباد پوليس ٽريڪٽر ۽ ٽرالين کي تحويل ۾ وٺي شاگرد جو لاش کڻائي سول اسپتال آندو، جتان ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، جيڪو گهر پهتو ته ڪهرام مچي ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button