پاڪستانعالمي

عمران خان کي اپوزيشن ڪرڻي آهي ته روڊ ڇڏي پارليامينٽ ۾ اچي:بلاول ڀٽو زرداري

پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته اڄ جو هندستان هندو بالادستي وارو هندستان آهي، پاڪستان ۽ ڀارت جو نوجوان نسل امن چاهي ٿو، نوجوان نسلي سياست جي نفرت مان بيزار ٿي چڪا آهن، ڀارت ڪشمير مسئلو حل ڪرڻ لاءِ زباني دعوائون ڪرڻ بدران عملي قدم کڻي، پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو هڪ وزيراعظم کي آئيني طريقي سان هٽايو ويو، عمران خان کي جيڪڏهن اپوزيشن ڪرڻي آهي ته رستا ڇڏي پارليامينٽ ۾ اچي وڃي. هن اهڙو اظهار نيويارڪ ۾ جي-77 جي وزارتي اجلاس کي خطاب ۽ پرڏيهي ميڊيا کي انٽرويو ڏيندي ڪيو. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پاڪستان ۽ آمريڪا جا دوستاڻا لاڳاپا آهن، ٻنهي ملڪن جا ٻطرفا لاڳاپا بهتر نموني اڳتي وڌي رهيا آهن، پاڪستان ۽ آمريڪا مختلف شعبن ۾ هڪٻئي سان سهڪار ڪري رهيا آهن، پاڪستان جا آمريڪا سان 1950ع کان وٺي تاريخي لاڳاپا آهن. هن چيو تہ اسرندڙ ملڪ ڪيترن ئي مسئلن کي منهن ڏئي رهيا آهن، موسمياتي تبديلي دنيا تي اثرانداز ٿي رهي آهي، گڏيل قومن جي قيادت سان پاڪستان ۾ ٻوڏ جي صورتحال تي ڳالهيون ٿيون آهن. پرڏيهي وزير سلامتي ڪائونسل جي اجلاس ۾ ڀارت کي چئلينج ڪيو ته ڀارت ڪشمير بابت عالمي اداري جي ٺهرائن تي عمل ڪري ڏيکاري، گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل کي خطاب بعد پنهنجي وڊيو بيان ۾ بلاول چيو ته مون عالمي اداري ۾ ڪشمير لاءِ آواز اٿاريو آهي، مون ڀارت کي چئلينج ڏنو ته وڏيون وڏيون ڳالهيون ڪرڻ بدران سلامتي ڪائونسل جي قرارداد تي عمل ڪري ڏيکاري، ڪشمير معاملي تي گڏيل قومن جي سيڪيورٽي ڪائونسل جي ٺهرائن جي ڀڃڪڙي ڪندڙ ڀارت کي ڪنهن به صورت ۾ سيڪيورٽي ڪائونسل جو ميمبر بڻجڻ جو حق ناهي. هن چيو ته ملڪ ۾ اليڪشن ٿي ته عمران خان ڪاميابي حاصل نٿو ڪري سگهي، اسان کيس بي اعتمادي رٿ ذريعي هٽايو، اهو پهريون موقعو آهي جڏهن جمهوري ۽ آئيني طريقو استعمال ڪري ڪنهن وزيراعظم کي پارليامينٽ مان هٽايو ويو، سوشل ميڊيا ذريعي عمران خان جي مقبوليت بابت غلط تاثر پيش ڪيو ويو، عمران کي اپوزيشن ڪرڻي آهي ته روڊ رستا ڇڏي ۽ پارليامينٽ ۾ اچي، جيڪڏهن عمران خان اقتدار ۾ ناهي ته ڇا سندس انا خاطر سڄو نظام ويڙهي ڇڏيون؟ ائين نٿو ٿي سگهي، ڇاڪاڻ ته جمهوريت عوام جي دم سان آهي. بلاول وڌيڪ چيو ته حڪومت روس کان ڪنهن رعايتي اگهه تي تيل خريد نه پئي ڪري، اسان هن وقت انتهائي مشڪل معاشي صورتحال، مهانگائي ۽ ٻارڻ جي وڌندڙ اگهن کي منهن ڏئي رهيا آهيون، توانائي جي عدم تحفظ سبب اسان پنهنجن علائقن کي وسعت ڏيڻ لا مختلف رستا ڳولي رهيا آهيون جتان اسان پنهنجي گهرج مطابق توانائي حاصل ڪري سگهون ٿا، اسان کي روس کان جيڪا به توانائي ملي ٿي ان کي ترقي ڏيڻ ۾ وڏو وقت لڳي ويندو. هڪ سوال جي جواب ۾ پرڏيهي وزير چيو ته اسان کي ورهائڻ نه پر ايڪي جي سياست تي يقين آهي، وزيراعظم ۽ سندس معاشي ٽيم سڀني اتحادين جي سهڪار سان ملڪ کي مشڪل معاشي دور مان ٻاهر ڪڍڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندي، اسان جي اپوزيشن فوج کي سياست کان پوئتي هٽائڻ واري مهم نه پئي هلائي پر ان ڳالهه تي احتجاج ڪري رهي آهي ته فوج غير آئيني مداخلت ڇو نه ڪئي ۽ بي اعتمادي رٿ لا ووٽ کان ڇو نه روڪيو ويو، منهنجي خيال ۾ اها ڳالهه کل ڏياريندڙ آهي، اهو انهن سڀني ماڻهن لا ڳڻتي جوڳو عمل آهي جن پاڪستان ۾ جمهوريت لا وڏيون قربانيون ڏنيون آهن، جيڪڏهن عمران خان کي سياست بڻجڻو آهي ته جمهوريت پسند ڪردار ادا ڪري.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button