پاڪستان

چمن ۾ پاڪ- افغان فورسز وچ ۾ ٻيهر چڪريون،هڪ ڄڻو حياتي وڃائي ويٺو،14 زخمي

چمن ۾ پاڪ- افغان بارڊر تي ٻنهي پاسن کان ٻيهر فائرنگ ۽ چڪريون ٿيون، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو فوت ۽ 14 زخمي ٿي پيا آهن. سيڪيورٽي ذريعن موجب ڪلي شيخ لعل محمد جي بارڊر ايريا ۾ پاڪ افغان فورسز ۾ تڪرار ۽ چڪريون ٿيون آهن، افغان فورسز پاران هڪ ڀيرو ٻيهر شهري آباديءَ کي نشانو بڻايو ويو، چمن شهر ۾ ڌماڪا جا آواز ٻڌي شهري خوف ۾ وٺجي ويا. افغان فورسز طرفان بنا جواز گولي باري ڪئي. ليويز اختيارين جو چوڻ آهي ته بوغرا ۽ ڪسٽم هائوس وارن علائقن ۾ افغان آرٽلري جا ڪيترائي گولا ڪريا، رحمال ڪهول روڊ ۽ اڊا ڪهول جي علائقي ۾ مارٽر گولو لڳڻ ڪري هڪ شخص کان حياتي کسجي وئي، جڏهن ته 14 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن کي سول اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. پاڪستاني اختيارين موجب افغان فورسز جي جارحيت تي پاڪستاني فورسز طرفان پڻ جوابي ڪارروائي ڪئي وئي ۽ ڳرن هٿيارن جو استعمال ڪيو ويو. جڏهن ته چمن ۾ شهرين کي مال روڊ، بوغرا روڊ، باءِ پاس ۽ بارڊر روڊ خالي ڪرڻ جون هدايتون ڪيون ويون آهن ۽ ضلعي هيڊڪوارٽر اسپتال ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي، پوليس موجب علائقي ۾ ڇڪتاڻ سبب بارڊر روڊ، مال روڊ ۽ بوغرا روڊ تي ٽريفڪ جام آهي جڏهن ته ڪسٽم هائوس ۽ ڪراچي ڪوچ ٽرمينل خالي ڪرايو ويو آهي. علائقي ۾ سيڪيورٽي انتهائي سخت ڪري عوام کي سرحدي علائقي کان پري رهڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي. ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ افغان بارڊر فورس طرفان چمن ۾ شهري آبادي تي ڪيل فائرنگ ۽ گولي باري جي نتيجي ۾ 6 پاڪستاني شهري شهيد ٿيا هئا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button