پاڪستان

تحريڪ انصاف استعيفائن جي معاملي تي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر کي خط لکي ڇڏيو

پاڪستان تحريڪ انصاف استعيفائن جي منظوري لا اسپيڪر کي خط لکي ڇڏيو آهي. پي ٽي آ جي وائيس چيئرمين شاهه محمود قريشي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر کي خط لکي پنهنجي سمورن قومي اسيمبلي ميمبرن جون استعيفائون منظور ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي، خط ۾ شاهه محمود قريشي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف کان ملاقات جو وقت پڻ گهريو آهي. شاهه محمود قريشي خط ۾ لکيو ته پي ٽي آءِ جا ميمبر اسپيڪر وٽ پيش ٿي استعيفائن جي تصديق ڪرڻ چاهين ٿا، ميمبرن جي استعيفيٰ منظور ڪرڻ ۾ وڌيڪ دير نه ڪئي وڃي. ٻئي طرف لاهور ۾ صحافين سان ڳالهائيندي شاهه محمود قريشي چيو ته اسان جي حڪومت کي سازش تحت هٽائي امپورٽيڊ حڪومت کي مڙهيو ويو، اسان قومي اسيمبلي تان استعيفائون ڏنيون پر اهي اليڪشن ڪميشن ڏانهن نه اماڻيون ويون، صرف چونڊ ميمبرن جون استعيفائون منظور ڪيون ويون. چونڊيل مميبرن جي استعيفائن جي منظوري کي سياسي مقصد لاءِ استعمال ڪيو ويو. هن چيو ته اسپيڪر حڪومت جي چوڻ تي غيرقانوني ۽ آئين کان مٿانهون فيصلو ڪيو آهي. اسپيڪر کي پي ٽي ميمبرن جي استعيفائن جي تصديق لاءِ خط لکي ڇڏيو آهي. اسپيڪر جي مرضي ته هو سڀني کي گڏ گهرائي يا هڪ هڪ ڪري گهرائي، مون پنهنجي صحيح سان اسپيڪر کي خط اماڻي ڇڏيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button