حيدرآباد (نمائندن وٽان) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سان ٻڌي جي اظهار لا ۽ مودي سرڪار خلاف سڄي سنڌ ۾ جيالن ريليون ڪڍي مظاهرا ڪيا. اسلام آباد ۾ به جيالن احتجاج ڪري نريندر مودي جي پتلي کي باهه ڏني. ان سلسلي ۾ اسلام آباد ۾ پرڏيهي وزير ۽ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو سان ٻڌي جي اظهار لاءِ پ پ ڪارڪنن ريلي ڪڍي مظاهرو ڪيو. ڪارڪنن مري روڊ اسلام آباد تي ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي جو پتلو ساڙيو ۽ نريندر مودي سرڪار جي ظلمن خلاف نعريبازي ڪئي. پ پ سينٽرل انچارج سبطل حيدري بخاري جي اڳواڻي ۾ احتجاج دوران خطاب ڪندي نئير حسين بخاري چيو ته بلاول ڀٽو زرداري ڀارتي وزيراعظم مودي کي للڪاري گڏيل قومن کي مودي جو اصل چهرو ڏيکاريو آهي. هي حق رڳو ۽ رڳو بلاول ڀٽو زرداري ڪري سگهي ٿو. بلاول ڀٽو زرداري ذوالفقار علي ڀٽو ۽ بينظير ڀٽو جو حقيقي وارث هجڻ جو ثبوت ڏنو آهي. ٽنڊوڄام ۾ صوبائي وزير اطلاعات، ٽرانسپورٽ اينڊ ماس ٽرانزٽ شرجيل انعام ميمڻ جي تڪ پي ايس 63 جي عوام وڏي انگ ۾ گڏ ٿي راول هائوس تان پ پ جي اعجاز کوسو جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي. ان موقعي تي ريلي ۾ ڀارت جي وزيراعظم نريندر مودي خلاف نعربازي ڪئي وئي. ريلي ۾ سيد شفقت حسين شاهه، غلام مرتضيٰ انڙ، ضامن ڪليري، حيدر شاهھ ۽ ٻيا موجود هئا. مٺي ۾ پ پ چيئرمين سان يڪهجتي طور ۽ مودي سرڪار خلاف ريلي پ پ ايم پي اي فقير شير محمد بلالاڻي، ضلعي انفارميشن سيڪريٽري ڪامريڊ نندلال مالهي، ڊويزنل صدر يوٿ ونگ سشيل ملاڻي ۽ موهن لال ٿاهراڻي جي اڳواڻي ۾ ٿاهراڻي هائوس کان ڪشمير چوڪ ۽ پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي، جنهن ۾ آدم هنگورجو، ڀيرولال مکي، لال محمد ڏهوٽ، وڪيل موهن ڀيل، وڪيل ڪنور امر، ڪندن مالهي، سورن سنگهه، ڊاڪٽر دليپ ننداڻي، سنجه مالهي، ٺارومل ترڪيو، جانجھڻ ميگهواڙ، گل حسن بجير، منوج راٺي، حاڪم ڀيل، آسن ڀيل، ڊاڪٽر مڪيش ٿاهراڻي، سنجئه سوني، برڪت بجير، عبدالغني لنگهو، عمران شاهه، محمد رحيم مڱريو ۽ ٻين شرڪت ڪئي. نوابشاهه ۾ ضلعي صدر علي اڪبر جمالي، غلام شاهه لغاري، عاطف زيدي، مير عبدالرسول بروھي، راشد چانڊيو، شيرباز مري، علي نواز چانڊيو ۽ ظفر زرداري جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪيو ڪيو. چوهڙ جمالي ۾ جيالن پ پ شاهبندر تعلقي جي صدر محمد يوسف جمالي، جنرل سيڪريٽري غلام نبي ٿهيم، يوٿ جي مرڪزي عهديدار ساگر ميمڻ ۽ مينارٽي ونگ جي ضلعي صدر ڊاڪٽر ھريش ڪمار جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي. جاتي ۾ درجنين ڪارڪنن منظور رحيم پليجو، حاجي محمد قريشي، دلدار احمد سميجو، ذوالفقار ميمڻ، اڪبر رحمان ٿهيم، رزاق مڱڻهار، غفور ميمڻ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي شهيد فاضل راهو چوڪ تي مظاھرو ڪيو. ٺٽي ۾ خاص مددگار پ پ پ ضلعي ٺٽي جي صدر صادق علي ميمڻ، خاص مددگار رياض حسين شاھه شيرازي، پ پ يوٿ جي صوبائي صدر جاويد ناياب لغاري، اڳوڻي ايم اين اي ڊاڪٽر عبدالواحد سومرو، امتياز قريشي، عبدالحميد پنھور، محمود عالم شاھه، ڄام احسان جوکيو، غلام حيدر شاھج هشيرازي ۽ غلام قادر پليجو جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي. ميرپور ماٿيلي ۾ ضلعي صدر مير بابر علي خان لنڊ جي اڳواڻي ۾ ڀٽائي چوڪ کان گهنٽا گهر تائين ريلي ڪڍي وئي. بدين ۾ پ پ ضلعي صدر حاجي رمضان چانڊيو، جنرل سيڪريٽري حاجي سائين بخش جمالي، ايم اين اي مير غلام علي ٽالپر، ايم پي اي مير الله بخش ٽالپر، ڏاڏا محمد ٽالپر، صوبائي صلاحڪار پير نور قريشي، عبدالغفور نظاماڻي ۽ تنزيلا ام حبيبا جي اڳواڻي ۾ جيالن پير چوڪ کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي. ٽنڊو محمد خان ۾ پ پ سنڌ جي صوبائي اطلاعات سيڪريٽري عاجز ڌامراھه جي اڳواڻي ۾ الفتاح چوڪ کان احتجاجي جلوس ڪڍي پيادل مارچ ڪري پريس ڪلب آڏو مظاهرو ڪرڻ بعد ڌرڻو هنيو ويو. خیيرپور ۾ جيلاني ھائوس تي اجلاس ٿيو، جنهن جي صدارت اڳوڻي وڏي وزير قائم علي شاهه ڪئي، اجلاس ۾ وڏي وزير جي صلاحڪار، پ پ سکر ڊويزن جي جنرل سيڪريٽري بچل شاهه، خيرپور ضلعي جي اطلاع سيڪريٽري علي شير مڪول، تعلقي خيرپور جي صدر حاجي محمد سليمان ڪٽوھر، جنرل سيڪريٽري عتیيق الرحمان ڦلپوٽو، لال بخش منگي، مظھر علي مڱڻهار، محمد جمن سهتو، محمد عاقل سمنگ، علي مدد شاهه، غلام حسين مغل، زاھد علي ڳنڀير ۽ ٻين شرڪت ڪئي، جنهن بعد جيلاني ھائوس کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي مظاهرو ڪيو ويو، ريلي جي اڳواڻي بچل شاهه، علي شير مڪول، حاجي محمد سليمان ڪٽوھر ۽ ريحانه جماڻي ڪئي. ٽنڊوالهيار ۾ ضلعي جنرل سيڪريٽري ظهير پتافي جي اڳواڻي ۾ بچاڻي هائوس پيپلز سيڪريٽريٽ کان ٽنڊوالهيار پريس ڪلب تائين ڪڍي وئي. ان موقعي تي ريلي کي خطاب ڪندي ضلعي جنرل سيڪريٽري ظهير پتافي، ضلعي نائب صدر مولابخش ٿيٻو، سٽي صدر آفتاب جوڻيجو، تعلقي چمبڙ صدر رمضان مري، تعلقي صدر غلام قادر دل، يوٿ ضلعي صدر وسيم لطيف مڱريو، احسن بوزدار، محمد صالح ميرجت ۽ ٻين خطاب ڪيو. لاڙڪاڻي ۾ پ پ ضلعي جنرل سيڪريٽري اعجاز احمد لغاري، سٽي صدر خير محمد شيخ، نائب صدر محمد نواز شيخ، تعلقي لاڙڪاڻي جي صدر اسدالله ڀٽو، تعلقي باقراڻي جي صدر طارق انور سيال، اسد کرل، نورالدين ابڙو، علي مراد ابڙو، مير ماجد بروهي، علي ڏنو ڪنگو، زوار جاويد علي مٺاڻي، اختر بروهي، محمد قاسم بروهي، سپاف جي ضلعي صدر عبدالرحمان موريو، يوٿ ونگ جي اڳوڻي جنرل سيڪريٽري ظهير احمد ناريجو، محمد صديق ڪوريجو، فهيم گل شيخ، آصف علي عباسي، عطاالرحمان مڱڻيجو، عمران شيخ، سمندر خان شيخ ۽ منصور احمد کوکر جي اڳواڻي ۾ ڪينيڊي مارڪيٽ کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي. قمبر ۾ پ پ اڳواڻن قمرالدين گوپانگ، شاھه غازي مغيري، مجيب ڀٽو، آصف چانڊيو، محمد خان ڦلپوٽو ۽ ٻين ريلي ڪڍي.
پ پ/مظاهرا