اسلام آبادپاڪستان

اي پي ايس ذميوارن جي تعين جو حڪم،4 هفتن ۾ رپورٽ طلب

اسلام آباد :سپريم ڪورٽ وفاقي حڪومت کي آرمي پبلڪ اسڪول تي ٿيل حملي ۾ شهيد ٻارن جي وارثن جو موقف ٻڌي ڪارروائي جو حڪم ڏيندي سرڪار کان 4 هفتن ۾ رپورٽ گهري ورتي آهي. عدالت چيو آهي ته جاچ ڪميشن جي رپورٽ ۽ ان تي عملدار سميت ذميوارن جي تعين لا 4 هفتن جو وقت ڏيون ٿا، سپريم ڪورٽ ۾ جمع ٿيندڙ سرڪاري رپورٽ تي وزيراعظم جون صحيحون هجڻ گهرجن. ڪالهه چيف جسٽس گلزار احمد جي سربراهي ۾ 3 رڪني بئنچ آرمي پبلڪ اسڪول تي ٿيندڙ حملي بابت ڪيس جي شنوائي ڪئي. ان دوران اٽارني جنرل عدالت کي ٻڌايو ته اعليٰ اختيارين خلاف ڪا ايف آءِ آر داخل ناهي ٿي سگهي، جنهن تي عدالت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته اهو واقعو سيڪيورٽي ليپس هو، حڪومت کي ان جي ذميواري قبول ڪرڻ گهرجي. ان وقت جي سڀني عسڪري ۽ سياسي اختيارين کي اطلاع هجڻ گهرجن ها. اٽارني جنرل خالد جاويد خان چيو ته پنهنجون غلطيون تسليم ٿا ڪيون، پنهنجي آفيس ڇڏي ڏيندس پر ڪنهن غلطيءَ جو دفاع نه ڪندس. جيڪڏهن عدالت ٿورو وقت ڏئي ته وزيراعظم ۽ ٻين اختيارين کان هدايتون وٺي عدالت کي معاملي کان آگاهه ڪندس پر چيف جسٽس چيو ته هي سنگين نوعيت جو معاملو آهي، ان تي وزيراعظم کان ئي جواب طلب ڪنداسين. جسٽس قاضي امين چيو اطلاع آهن ته رياست ڪنهن گروهه سان ڳالهيون ڪري رهي آهي، ڇا اصل جوابدارن تائين پهچڻ ۽ پڪڙڻ رياست جو ڪم ناهي؟ چيف جسٽس چيو ته انٽيلجنس تي ايترو خرچ ٿي رهيو آهي، پر نتيجو ٻڙي آهي. پنهنجن ماڻهن جي تحفظ جي ڳالهه اچي ٿي ته اهي ڪيڏانهن هليا ويندا آهن؟ چيف جسٽس چيو ته ٻارن کي اسڪولن ۾ مرڻ لاءِ نٿا ڇڏي سگهون، چوڪيدار ۽ سپاهين خلاف ڪارروائي ڪئي وئي، اصل ڪارروائي ته مٿان کان شروع ٿيڻي هئي پر مٿيان پگهارون ۽ مراعتون وٺي هليا ويا. ڇا اڳوڻي آرمي چيف ۽ ذميوارن خلاف ڪيس داخل ٿيو؟ ان تي اٽارني جنرل چيو ته اڳوڻو آرمي چيف ۽ ڊي جي آ ايس آ خلاف انڪوائري رپورٽ ۾ ڪا فائنڊنگ ناهي. جسٽس اعجاز چيو ته ادارن کي خبر هجڻ گهرجي ها ته قبائلي علائقن ۾ آپريشن جو ردعمل ايندو. جسٽس اعجاز الاحسن چيو اهو ممڪن ناهي ته دهشتگردن کي اندر کان سپورٽ نه ملي هجي. چيف جسٽس چيو ته اسان جو توهان جي پاليسين سان سروڪار ناهي، اسان پڇون پيا ته هيترا سال گذري ويا پو به جوابدارن جو پتو ڇو نه لڳي سگهيو. جسٽس قاضي امين چيو ته ماضي ۾ وڃڻ جي ضرورت ناهي، توهان وزيراعظم آهيو، احترام ڪريون ٿا. سپريم ڪورٽ حڪومت کي والدين جو موقف وٺي ڪارروائي جو حڪم ڏيندي ڪيس جي ٻڌڻي 4 هفتن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي. عدالت عظميٰ حڪومت کي 20 آڪٽوبر جي حڪم نامي تي عملدرآمد جي به هدايت ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button