مسڻ وڏي: مسڻ وڏي ڀرسان سلطان آباد ٿاڻي جي حد ماڊل ٽائون ڪالوني وٽ 15 ورھين جي ڇوڪري شانتي ڌي نانجي پارڪريو ڪولھي گھرو اڻبڻت تان پنھنجي گھر اندر ڳچي ۾ رسو وجھي آپگھات ڪري ڇڏيو. سلطان آباد پوليس اطلاع تي پھچي لاش کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي ٽنڊوالهيار سول اسپتال آندو، جتان ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. سلطان آباد پوليس جو چوڻ آھي ته شروعاتي رپورٽ ۾ خودڪشي لڳي ٿي، وڌيڪ پوسٽ مارٽم رپورٽ اچڻ کانپو خبر پوندي ته گھرو اڻبڻت تان ناري خودڪشي ڪئي آھي يا ڪو ٻيو مسئلو آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close