پاڪستانسنڌ

عثمان شاهه هڙي ۾ گرفتار بلوچن جي آزادي لا مظاهرو

عثمان شاھه ھڙي: عثمان شاهه هڙي ۾ بلوچستان جي حق ڏيو تحريڪ جي گرفتار اڳواڻن حسين واڍيلو بلوچ ۽ سندس ساٿين جي آزادي لاءِ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، جيڪا فاروقي مدرسه کان ٿيندي پريس ڪلب پھتي. جتي جيئي سنڌ محاذ حيدرآباد جي صدر باغي ڪالرو، ڊاڪٽر ڪي بي ٽالپر، نوروز خان واڍيلو بلوچ، وقار بوزدار، ھاشم بلوچ، مرتضى بلوچ ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته بلوچستان جي حق ڏيو تحريڪ جي اڳواڻن حسين واڍيلو سميت ٻين گرفتار اڳواڻن جي گرفتاري جي مذمت ڪريون ٿا. هنن چيو ته اسان سندن حق ڏيو تحريڪ جي حمايت ٿا ڪريون. بلوچستان ۾ حق جي ڳالهه ڪرڻ وارن کي کنڀي گم ڪيو وڃي ٿو، بلوچستان ۾ گم ٿيل ماڻھن جو وڏو انگ آھي، جن جا وارث اڄ به دربدري جا ڌڪا کائي رھيا آھن ۽ بنيادي حقن تي ڌاڙا هنيا پيا وڃن. گوادر جي مهاڻن سان زيادتي ڪئي پئي وڃي. هنن گهر ڪئي ته بلوچستان جي حق ڏيو تحريڪ جي سينيئر اڳواڻ حسين واڍيلو سميت ٻين گرفتار ساٿين کي آزاد ڪري گوادر ۽ بلوچستان جي ماڻهن کي بنيادي حق ڏنا وڃن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button