پاڪستانسنڌ

چونڊون ملتوي ڪرڻ جي سازش ٿي ته ڀرپور مزاحمت ڪبي: نعيم الرحمان

ڪراچي: جماعت اسلامي ڪراچي جي امير حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته جيڪڏهن ٻيهر مڪاني چونڊون ملتوي ڪرڻ جي سازش ڪئي وئي ته ڀرپور مزاحمت ڪئي ويندي. ايم ڪيو ايم، پيپلز پارٽي ۽ وفاقي وزيرن جي ملاقات تي ردعمل ڏيندي هن چيو ته بلاول هائوس ۽ بهادر آباد سازشن جو مرڪز بڻجي ويا آهن. ڪراچي ۾ مڪاني چونڊون ملتوي ڪرڻ لاءِ رات جي اونداهي ۾ سازش ڪئي پئي وڃي.

پيپلزپارٽي، ايم ڪيو ايم ۽ هاڻي (ن) ليگ به ان ۾ شامل ٿي رهي آهي. حافظ نعيم الرحمان چيو ته مان سمورين پارٽين جي ڪارڪنن کي 8 جنوري جي جلسي ۾ شرڪت جي دعوت ڏيان ٿو. ملڪ معاشي طور نازڪ دور مان گذري رهيو آهي. اهڙي صورتحال ۾ وفاقي وزير عوام جي ٽيڪس جي پئسي سان خاص جهاز اڏائي ڪراچي پهتا آهن. هن چيو ته بلدياتي چونڊون ملتوي ڪرڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي پر ڪراچي جي حقن لاءِ جدوجهد جاري رکنداسين. هن چيو ته ٻڌو! مزاحمت ڪنداسين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button